پرڏيهي مبصرن پاران چونڊ ڏهاڙي انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس جي بندش تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد (م ڊ ) دولت مشترڪه گروپ جي چيئرپرسن، نائيجيريا جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر گڊلڪ ايبيل جوناٿن چيو آهي ته  اميد آهي ته چونڊ نتيجا مڪمل ڪرڻ جو عمل اثرائتي طريقي سان ڪيو ويندو ۽ عوام جي خواهش جي عڪاسي ٿيندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سي او جِي جي چيئرپرسن  چيو ته  مان تجربي مان چوان ٿو ته اميدوارن کي فتح ۾ مضبوط ۽ شڪست ۾ رحمدل هجڻ گهرجي. سڀني شڪايت ڪندڙن کان تڪرارن کي متفقه طور  حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. مبصر گروپ عورتن جي ووٽرن جي شموليت کي آسان بڻائڻ لاءِ صرف عورتن جي پولنگ اسٽيشنن جي موجودگي کي ساراهيو. مبصر گروپ جي عبوري بيان ۾ انٽرنيٽ جي پهچ تي پابندي ۽ خاص طور تي چونڊن جي ڏينهن تي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جي بندش، اظهار جي آزادي، رابطي جي آسانيءَ ۽ ٻين سياسي حقن تي اثرانداز ٿيڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو ويو. سندن چوڻ هو ته اسان چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ اميدوارن جي چونڊ وڙهڻ جي اهليت بابت قانوني فيصلن جي اثرن کي نوٽ ڪندا آهيون، هڪ اهم سياسي پارٽي جي چونڊ نشان بابت فيصلي کي رد ڪيو ويو. مبصرين جو گروپ پهرين فيبروري تي پاڪستان پهتو هو، هنن 2 فيبروري کان 5 فيبروري تائين مختلف اسٽيڪ هولڊرز کان ڄاڻ ورتي، مبصرين کي 6 فيبروري تي مختلف علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو هو، جن ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ايبٽ آباد شامل آهن. سي او جي پنهنجي حتمي رپورٽ تيار ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.