خاص تڪن ۾ ڌانڌلي ٿي، اسٽيبلشمنٽ خميس ۽ جمعي واري رات آر اوز کي نتيجن ڏيڻ کان روڪيو: تجزئي نگار

ڪراچي ( عوامي آواز نيوز ) اسد طور پنھنجي يوٽيوب چئنل اسد ”طور ان سنسرڊ“ تي  انڪشاف ڪيو آھي تھ چونڊن ۾ سموري ملڪ جي خاص تڪن ۾ ڌانڌلي ٿي آھي.  ن ليگ ھارائي رھي ھئي تھ اسٽيبلشمنٽ خميس ۽ جمعي واري رات آر اوز کي نتيجن ڏيڻ کان روڪيو پر ان کان اڳ پرزائيڊنگ آفيسرن نتيجا تيار ڪري تڪ جي اميدوارن کي فارم 45  ڏئي چڪا ھئا. جنھن ڪري مونجھارو ٿيو اسد طور پنهنجي وي لاگ ۾ چيو ته جيڪڏھن اميدوار فارم 45 جو نتيجو جوڙ ڪندا تھ اھو فارم 47 جي نتيجن سان ميچ نه ڪندو؟ پر ان بعد تيار ڪيل حڪمت عملي موجب پرزائيڊنگ آفيسرن کي فارم 45 سان آر اوز جي آفيس پھچڻ جو حڪم ڏنو ويو، جتي کين انتظار ڪرايو ويو. جڏھن اسٽيبلشمنيٽ جا عملدار پھچتا تھ ھر آر او جي آفيس ۾ گھٽ ۾ گھٽ اھي چار ماڻھو رھيا يا ڪٿي ڪٿي اھي 10 کان 14 ڄڻن آر اوز جي آفيس کي ٽيڪ اوور ڪيو. جنھن بعد فارم 45 ورتا ويا ۽ اھي دٻن ۾ وجھي ڇڏيا، بعد ۾اڻ ڀريل فارم 45 تي نئين سر ووٽ ڀرايا ويا. جيڪي انڌ ڌنڌ ۾ ڀريا ويا،جن جو گرينڊ ٽوٽل ڪيو ويو.جنھن بعد جن اميدوارن کي ھارائڻو ھو انھن جا ووٽ گھٽايا ۽ جن کي کٽرائڻو ھو انھن جا ووٽ وڌايا ويا.اسد طور موجب ان سموري واردات بعد وري جمعي ۽ ڇنڇر جي رات ھڪ ٻئي پريڪٽس ٿي. سلمان اڪرم راجا پٽيشن داخل ڪرائي  ۽ ٻين پڻ عدالت جو در کڙڪايو،جنھن بعد اھو خوف ٿي پيو تھ ووٽن جي ٻيھر ڳڻپ ٿيڻ يا آڊٽ ٿيڻ جي صورت ۾ اصل ڪھاڻي کلي ويندي.جنھن ڪري وري جمعي ۽ ڇنڇر واري رات جن اميدوارن کي کٽرايو ويو ھو.انھن معرفت انھن جا ماڻھون گھرائي ڪري، ساڳين تڪن جي مخلتف ھنڌن تي  بيلٽ پيپر ڏئي ڪري انھن کي ٻڌايو ويو تھ توھان جا اصل ووٽ تھ اھي آھن پر ھاڻي ھن فارم 45 موجب  قبوليا وڃن.جنھن بعد ٺپا ھنيا ويا. اسد طور چيو ته  قومي اسميبلي جي تڪن تي پنجاب ۾ راولپنڊي،چڪوال،جھلم،ناروال ،سيالڪوٽ،لاھور،گجرات،سرگوڌا، ملتان، راڄڌاني اسلام آباد، سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد، ڪي پي ڪي ۾مالاڪنڊ ڊويزن ۾ ھزار ڊويزن ۾، پشاور ۾، نارٿ ۽ سائوث وزيرستان ۾ ھن وقت بھ جاري آھي. بلوچستان ۾ پڻ ڌانڌلي ٿي. اسد طور جي وي لاگ موجب ھن وقت تائين 58 سيٽن تي ڌانڌلي ٿي آھي،65 سيٽن تي ڌانڌلي جو ٽارگيٽ آھي. وڌ ۾ وڌ سيٽون پي ٽي آءِ جون ڦريون ويون آھن.جيڪي 50 آھن، پ پ کان ٻھ ڦريون ويون ۽ ٻھ ڌانڌلي ڪري ڏياريون ويون آھن، بي اين پي (مينگل) ۽ پختونخواھ ملي عوامي پارٽي کان ھڪ ھڪ سيٽ ڦري وئي آھي. وزيرستان ۾ بھ علي وزير ۽ محسن داوڙ سان ساڳي ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي. جماعت اسلامي کان بھ ھڪ سيٽ ڦري وئي آھي. اسد طور موجب خوشاب جي تڪ اين اي 87 جو، آر او احمد سھيب مستعفي ٿي ويو آھي، نوازشريف جي تڪ اين اي 130 جو، آر او پڻ ميڊيڪل گرائونڊ تي موڪل تي روانو ٿي ويو آھي. ھن تڪ جي  فارم 45 ۾ 14 اميدوارن مان ڪنھن کي ھڪ بھ ووٽ نھ مليو. اھڙي ڌانڌلي دوران آر او آفيس ۾ مڪمل طور نيٽ ورڪ ۽ واءِ فاءِ بند ڪيو ويو. اسد طور موجب پنڊي ڊويزن ۾ پي ٽي آءِ، جي کٽيل سيٽن تي عسڪري حلقن ناراضگي جو اظھار ڪيو. اين اي 55 راجا بشارت اڪثريت سان کٽي رھيو ھو.جنھن کي 30 ھزار جي ليڊ سان ھارايو ويو، ھن تڪ جو فارم 45 سمورن صحافين وٽ بھ آھي.جن جي جوڙ ۽ فارم 47 جي فارم جي جوڙي ميچ نٿي ڪري.  اسد طور موجب ڌانڌلي وارين سيٽن تي 10 ،20 ۽ 30 ھزارن جي ووٽن جو فرق آھي. گجرات ۾ ھڪ تڪ تي اسٽيبلشمنٽ جي ھڪ عملدار جو  ڀاءِ چونڊ وڙھي رھيو ھو.جتي پھرين نمبر تي 80 ھزار وارو ۽ ٻئي نمبر تي 40 ھزار وارو اميدوار ھو، ٽين نمبر تي سندس ڀاءُ 25 ھزار ووٽ کينا هئا.پر صبح جو کيس پهرين اڳڀرو قرار ڏئي 90 ھزار ووٽ ڏياريا ويا. مالاڪنڊ ۾ ن ليگ اڳواڻ کي ڪامياب ڪرايو ويو. سيالڪوٽ ۾ ھڪ عورت اميدوار جيڪا 30 ھزار ووٽن تي کٽي رھي ھئي.جنھن کي ھارايو ويو. اسد طور موجب بلوچستان ۾ پڻ باپ کي ان طريقي سان کٽرايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.