ڪراچي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سينيٽر وليد اقبال چيو آهي ته رات جو جيڪو ٿيو ان کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه دوران وليد اقبال چيو ته پي ٽي آءِ اعتراض ڪري رهي آهي ته جيڪي نتيجا ڏيکاريا پيا وڃن اهي درست ناهن. هن چيو ته فارم 45 ۽ فارم 47 ۾ فرق آهي، ٻنهي فارمن ۾ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو جو فرق آهي. پي ٽي آءِ سينيٽر وڌيڪ چيو ته اصل ۾ اليڪشن ڪميشن پنهنجي ضابطن تي عمل ناهي ڪري سگهي، سوال اهو آهي ته ڇا نتيجا ضابطي ۽ قانون موجب اچي رهيا آهن؟ هن چيو ته وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ اڪثريت ۾ آهي، اميد آهي ته عدالتي ڪارروائي به ان ئي رفتار سان ٿيندي، جيڪا پي ٽي آءِ جي باني عمران خان خلاف ڪيسن ۾ آهي. وليد اقبال چيو ته مان مصدق ملڪ کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان جو هن وقت ڪنهن به پارٽي سان ڪو رابطو ناهي.