فضل الرحمان اباڻي تڪ تان هارائي ويو، جهانگير ترين، سعد رفيق، سراج الحق کي شڪست

ڪراچي/اسلام آباد(م ڊ) 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن  ۾ وڏا وڏا نالا هارائي ويٺا، تفصيل مطابق جي يو آءِ ف جو سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي اباڻي تڪ ڊيرا اسماعيل خان تان هارائي ويو، تڪ اين اي 44 ڊي آءِ  خان  مان ان جي مقابلي ۾ آزاد اميدوار پي ٽي آءِ اڳواڻ علي  امين گنڊا پور کي سوڀ ٿي، ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق تڪ اين اي 22 تانهارائي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو حمايت آزاد اميدوار سردار لطيف کوسا سوڀارو ٿيو آهي، استحڪام پاڪستان پارٽي جو سربراهه جهانگير ترين قومي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن لوڌران ۽ ملتان تان هارائي ويو، گجرات ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي کي سالڪ حسين شڪست ڏئي ڇڏي، خيبرنختونخواهه جي اڳوڻي وڏير وزير ۽ پي ٽي آءِ پارليمينٽرين سربراهه  پرويز خٽڪ کي  قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي  ٻنهي سيٽن تي شڪست ٿي وئي،  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي لوئر دير هڪ مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 6 تان سوڀ حاصل نه ٿي، عوامي نيشنل پارٽي جي ايمل ولي خان کي چارسده مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 25 تان  شڪست ملي، عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر حيدر خان هوتي کي مردان مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 22 تان شڪست ملي، اڳوڻو وڏو وزير محمود خان به سوات پي ڪي 10 تان اليڪشن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، شاهه محمود قريشي جي ڌي مهربانو قريشي به پنهنجي سيٽ کٽي نه سگهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزا ملڪ کي لاهور جي تڪ اين اي 118 تان ن ليگ جي اڳواڻ حمزا شهباز هٿان شڪست  ٿي، شيخوپورا جي تڪ اين اي 115 جي غير حمتي غير سرڪاري مڪمل نتيجن مطابق ن ليگ جي اڳواڻ ميان   جاويد لطيف کي  هار ٿي آهي، اڳوڻو وفاقي وزير غلام احمد بلور پشاور جي تڪ اين اي 32 تان هارائي ويٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.