آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي يونين کي چونڊ عمل تي خدشا، مداخلت تي افسوس

اسلام آباد(م ڊ)آمريڪا برطانيا، يورپي يونين چونڊ عمل تي خدشا ڏيکاري ڇڏيا آهن. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون چيو آهي ته اسان چونڊن جي شفافيت نه ٿيڻ تي پيدا ڪيل سنگين خدشن کي تسليم  ڪريون ٿا. اسان کي افسوس آهي ته سمورين پارٽين کي ضابطن موجب چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ ڪجهه سياسي اڳواڻن شرڪت کي روڪڻ لاءِ قانوني عمل جو غلط استعمال ڪيو ۽ انهن سان منسوب چونڊ نشانن جو استعمال ڪيو ويو. اسان پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ جي بندش، نتيجن جي جاري ٿيڻ ۾ وڏي دير ۽ ووٽن جي ڳڻپ جي عمل ۾ بي ضابطگين جي الزامن تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. ”برطانيه پاڪستاني اختيارين تي زور ڏئي ٿو ته اهي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکن، جن ۾ معلومات تائين آزاد رسائي ۽ قانون جي حڪمراني شامل آهي. انهن ۾ منصفاڻي قانوني ڪارروائي جو حق، مناسب عمل ۽ مداخلت کان پاڪ آزاد ۽ شفاف عدالتي نظام شامل آهي. يورپي يونين  سياسي ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته سمورين پارٽين کي برابري جا موقعا نه مليا. آمريڪا به چونڊ عمل ۾ شفافيت تي سوال اٿاريا آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير ميٿيو ملر چيو آهي ته چونڊن دوران اظهار جي آزادي تي بندش رهي، تشدد جي مذمت ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.