نوَ مئي واقعا، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشيءَ جي 12 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوَ مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشيءَ جي ٻارنهن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.
عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف نوَ مئي وارن واقعن بابت ڪيسن جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ وڪيل شيراز احمد رانجها عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻارنهن ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست ڪئي جڏهن ته پراسيڪيوشن طرفان مهلت جي استدعا ڪئي وئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت سمورن 12 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.