ڪراچي(عوامي آوا نيوز) ناليواري اديب نصير ميمڻ لکيو آهي ته چونڊ مهم جا سڀ روايتي طريقا بند هجڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا وسيلي جنهن مهارت سان چونڊ مهم هلائي ڪاميابي ماڻي آهي اها سياسي پارٽين توڙي هر شعبي ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ ٽيڪنالاجي جي درست استعمال جي ڪيس اسٽڊي آهي. سياست کان ڪاروبار تائين هر ميدان ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال سکڻو پوندو،هن ٽوئيٽ ڪيو ته ميان مٺو جهڙي انتها پسند ملائيت واري ٽولي جي سنڌي آبادين ۾ شڪست دِلي سڪون جو ڪارڻ آهي. سنڌي قوم پنهنجي سيڪيولر روايتن کي برقرار رکيو ۽ مذهب کي جنوني مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ وارن گروهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٿڏي ڇڏيو آهي،هن چيو ته پ پ ھر ڀيري ڇو ٿي کٽي ۽ مخالف خاص ڪري قومپرست ڇوٿا هارائن ان حقيقت جو تجزيو گارگند ۽ تهمتن کان هٽي ڪري سماجي ۽ سياسي سائنس جي بنيادن تي ڪرڻ گهرجي. هڪ حد تائين ملاوٽ مڃي به وٺجي ته به نتيجا گهڻي ڀاڱي ساڳيا ئي هوندا. ان معاملي کي سمجهڻ لاءِ رڳو رد ڪد بجاءِ سنجيده بحث جي ضرورت آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 10 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي