عام معافي ضروري،پي ٽي آءِ ميمبر ٽوڙڻ سان وڌيڪ سياسي ڏڦيڙ جو خدشو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري تجزئي نگار امتياز عالم چيو آهي ته نواز شريف قومي اتفاق راءِ لاءِ سمورين پارٽين ۽ آزاد ميمبرن کي دعوت ڏئي سٺي شروعات ڪئي آهي، پر کيس اهو نه وسارڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف سان وابسته آزاد ميمبرن جو بلاڪ وڏي مينڊيٽ سان سامهون آيو آهي.جنهن جو احترام ڪيو وڃي،هن چيو ته  پي ٽي آءِ جي حمايت کانسواءِ ڪا به اتحادي حڪومت نٿي ٺهي سگهي. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي گڏجي اڪثريت نٿي ٺاهي سگهي پي ٽي آءِ جي آزاد ميمبرن کي ٽوڙي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش سياسي انتشار ۽ ڇڪتاڻ کي جنم ڏيندي ۽ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽن کان محروم رکڻ به عوام جي مينڊيٽ جي نفي هوندي.بهتر ٿيندو ته سياسي اعتماد جي فضا پيدا ڪرڻ لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي. اهو به ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي گڏجي حڪومت ٺاهي سگهن. پر وسيع تر اتفاق راءِ کان سواءِ سياسي بحران حل نه ٿيندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 10 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.