نوازشريف کي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل بعد خوش فهمي، پ پ جا وارا نيارا

لاهور(عوامي آواز نيوز)عام تاثر اھو آھي ته پنجاب ھميشه ان سياسي جماعت سان گڏ رھيو آھي، جنھن کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت  رھي آھي، پر منھنجي نظر ۾ اھو تاثر غلط آھي. ڇو ته پنجاب ذوالفقار علي ڀٽي سان گڏ ان وقت اچي بيٺو، جڏھن ھو اينٽي اسٽيبلشمينٽ بڻيو، پنجاب سھي معني ۾ نواز شريف جو ساٿ تڏھن ڏيڻ شروع ڪيو، جڏھن ان ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو ھنيو، پر ھو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون ڪري خوشفھمي جو شڪار ٿي ويو ۽ پاڻ کي وزير اعظم سمجھڻ لڳو، ۽ ان ئي خوشفھمي سبب ھن چونڊن جا پنجويھه قيمتي ڏينھن ضايع ڪري ڇڏيا، جنھن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ھڪ به چونڊ جلسو ته نه ڪيو پر پنجاب ۾ پڻ اھا چونڊ مھم نه ھلائي جيڪا کين ھلائڻ گھرجي ھا ۽ ھاڻ وزير اعظم ته ٺھيو پر مسلم ليگ ن لاءِ پنجاب بچائڻ به وڏو چيلنج بڻجي ويو آھي. ملڪي سياست ۽ چونڊن جي حوالي سان پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي سينئير صحافي امداد سومري چيو آھي ته مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي سياسي ويڙھه ۾ پ پ  جو ڀلو ٿيندو، ڇو ته ڪا به پارٽي پ پ  جي حمايت کان سواءِ مرڪز ۾ حڪومت قائم ڪري نه سگھندي ۽ پ پ جو اپوزيشن جي بينچن تي ويھڻ وارو امڪان ختم ٿي ويو آھي، صحافي امداد سومرو چيو ته ممڪن آھي بلاول وزيراعظم ٿئي پر آئون آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدر بڻجندي ڏسي رھيو آھيان.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 10 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.