اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم (اي ايم ايس) به 2018ع جي آر ٽي ايس وانگر غير موثر ٿي ويو آهي. اي ايم ايس ته آر ٽي ايس جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم سان ته ٻئي ڏينهن به مڪمل نتيجا اچڻ ۾ دير ٿي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان دعويٰ ڪئي آهي ته انٽرنيٽ تي انحصار کانسواءِ نتيجن جو بروقت اعلان يقيني بڻايو ويندو، پر ڪالهه انٽرنيٽ جي بندش سبب خاص طور تي پرزائيڊنگ آفيسرن کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ موجب گذريل رات پرزائيڊنگ آفيسر مقامي سطح تي تيار ڪيل اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم استعمال ڪندي پنهنجي لاڳاپيل اسٽيشنن جا حتمي نتيجا منتقل نه ڪري سگهيا، جنهن جي نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن رات دير تائين ڪجهه ئي نتيجن جو اعلان ڪري سگهيو.