لاهور ( م ڊ) نواز شريف مانسره جي قومي تڪ تان هارائي ويو ۽ لاهور جي قومي تڪ تان کٽي ويو.بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي قومي تڪن تان ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته بلاول لاهور جي قومي تڪ تان هارائي ويو مانسهره جي قومي تڪ اين اي 15 تان نواز شريف 80 هزار 382 ووٽ کڻي سگهيو . آزاد اميدوار شهزاده محمد گتاسپ هڪ لک 5 هزار 249 ووٽ کڻي نواز شريف کي شڪست ڏني. لاهور جي قومي تڪ اين اي 130 تان نواز شريف هڪ لک 71 هزار 24 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ياسمين راشد هڪ لک 15 هزار 43 ووٽ کڻي هارائي وئي، بلاول لاهور جي قومي تڪ اين اي 127 تان هارائي ويو.