عوامي مينڊيٽ سان ڇيڙڇاڙ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪندي: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ)نواز ليگ جي ناراض اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام وڏي آواز سان ۽ صاف صاف ڳالهايو آهي.  انهن جي مينڊيٽ سان ڇيڙڇاڙ جي ڪنهن به ڪوشش جي نتيجي ۾ ناقابل برداشت افراتفري پيدا ٿيندي،هن چيو ته چونڊ عمل جي گرمائش گذري چڪي آهي. هاڻي ملڪ ۾ صبر جي ضرورت آهي، سياسي قيادت  ميان نواز شريف، آصف علي زرداري، عمران خان، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين کي گهرجي ته ننڍڙي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪن ۽ گڏجي ڪم ڪن ته جيئن وڏن چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي، انهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته تاريخ خود غرض سياستدانن تي مهربان ناهي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.