ڪراچي(م ڊ)سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته اليڪشن ۾ وڏي انگ ۾ آزاد اميدوارن کٽيو آهي، پر ن ليگ ڪنهن بنياد تي وڪٽري خطاب ڪندي، پنهنجي بيان ۾ محمد زبير چيو ته اولهندي ملڪن جي جمهوريت ۾ چونڊ شڪست ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو هي ڪهڙو طريقو آهي جو ٻيو نمبر تي کٽي حڪومت ڪيو، حد هوندي آهي صبح 6 وڳي تائين ڪجهه نتيجا اچن ٿا پوءِ تبديل ٿي وڃن ٿا، سمجهه ۾ نٿو اچي ن ليگ 5 وڳي ڪنهن بنياد تي وڪٽري اسپيچ ڪري رهي آهي، هن چيو ته 2018ع جي مقابلي ۾ نتيجن جو اعلان گهڻو مشڪوڪ آهي