اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته نوازشريف جي تقرير مان لڳي ٿو ته ن ليگ ۾ تضاد آهي، اڃا رزلٽ پورو آيو ناهي ن ليگ پ پ کي گڏجي حڪومت ڪرڻ جي دعوت پئي ڏئي، بهتر اهو آهي ته شهباز شريف بلاول وٽ وڃي، زرداري وٽ ويندو ته وري به بلاول سان گڏ ويهڻو پوندو، جڏهن حڪومت بڻجي ويندي ته پوءِ ڇا ڪندو؟ مظهر عباس چيو ته نوازشريف اپوزيشن کي مفاهمت جو پيغام ته ڏنو، هو مفاهمت پنهنجي اتحادين سان ڪري رهيو آهي، کيس وڏي پارٽي لاءِ شهبازشريف کي چوڻ گهرجي ها ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪري، اڃا ته اهو به واضح ناهي قومي اسيمبلي ۾ وڏي پارٽي ڪهڙي آهي؟ بنيظير شاهه چيو ته نوازشريف جي تقرير چونڊن ۾ شڪست جو اعتراف آهي،تحريڪ انصاف کي عوام واضح مينڊيٽ ڏنو آهي،سينئر صحافي ابصار عالم چيو ته نوازشريف جي تقرير پنهنجي ڪارڪنن لاءِ هئي، صحافي طلعت حسين ٽوئيٽ ڪيو ته جڏهن جشن ملهائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ته جشن واري تقرير ڪرڻ ڪيتري بيوقوفي آهي؟