ڪراچي (م ڊ ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳواڻي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف جيڪڏهن وزير اعظم جي حيثيت ۾ ڳالهائيندو ته مون کي نٿو لڳي سندس پارٽي ساڻنس گڏ بيهندي، نواز شريف کي ٻيهر وزير اعظم ٿيڻ جي خواهش آهي، جلسن ۾ زبان ٻي هوندي آهي.ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ٻي هوندي آهي. تفصيلن موجب خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف پاڻ کي 3 اڳ ئي وزير اعظم ڊڪليئر ڪري ڇڏيو هو. نواز شريف گهڻتي تڪڙ ڪئي آهي، ن ليگ ووٽ ڪهڙي اڪثريت آهي، پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار آهن، آزاد اميدوارن کي 72 ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي، اسان سوچي فيصلو ڪنداسين. خورشيد شاهه چيو ته سياست ۾ ڪا به شيءِ حتمي ناهي هوندي، ڏسڻو پوندو پي ٽي آءِ اميدوار ڪهڙي پاسي وڃن ٿا.