متحده جو مصطفيٰ ڪمال ڪياماڙي جي قومي سيٽ تان ڪامياب

ڪراچي( رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ سيد مصطفيٰ ڪمال ڪراچي مان قومي اسيمبلي  جي سيٽ کٽي ورتي. ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 ڪراچي ڪياماڙي جي سمورن 286 پولنگ اسٽيشنن تي مصطفيٰ ڪمال 71767 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جو حمايت يافته آزاد اميدوار دوا خان صابر 53 هزار 759 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.