نوازشريف جو وفاق ۾ اتحادي حڪومت جو اعلان،شهباز جي آصف ۽ بلاول سان ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ قومي اسيمبلي جي هيل تائين غير سرڪاري ۽  غير حتمي نتيجي موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن 96، ن ليگ 69 ۽ پ پ 52 سيٽون،ايم ڪيو ايم15،ايم ڊبليو ايم ،مسلم ليگ ضيا ،بي اين پي مينگل هڪ هڪ،استحڪام پاڪستان پارٽي،جي يو آءِ (ف) ٻه ٻه، مسلم ليگ ق 3 سيٽون کٽي ورتيون،جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي هيل تائين قومي اسيمبلي ۾ ڪا به سيٽ ناهي کٽي،جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ،خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن کي واضح اڪثريت حاصل آهي، پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ اڳتي آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ پ پ جون سڀ کان وڌيڪ سيٽون آهن،اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار علي امين گنڊاپور ڪامياب ٿي ويو، اين اي 3 سوات جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار سليم رحمان ڪامياب ٿيو.اين اي 13 بٽگرام جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار محمد نواز خان ڪامياب ٿيو، اين اي 17 ايبٽ آباد 2 جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار علي خان جدون ڪامياب ٿيو، اين اي 30 پشاور جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار شاندانه گلزار ڪامياب ٿي.اين اي 121 لاهور جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ حمايت يافته آزاد اميدوار وسيم قادر ڪامياب ٿيو.ن ليگ قائد نواز شريف اين اي 130 لاهور 14 ۾ ڪامياب ٿيو، جڏهن ته مريم نواز اين اي 119 لاهور 3 ۾ ڪاميابي ماڻي، اين اي 155 لوڌران ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين کي شڪست ٿي، کيس ن ليگ جي صديق بلوچ شڪست ڏني.اين اي 55 راولپنڊي ۾ ن ليگ جو ملڪ ابرار احمد ڪامياب ٿيو، اين اي 58 چڪوال ۾ ن ليگ جي ميجر (ر) طاهر اقبال ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ن ليگ صدر شهباز شريف اين اي 123 لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ويو.اين اي 167 بهاولپور 4 ۾ ن ليگ جو محمد عثمان اويسي ۽ اين اي 135 اوڪاڙا 1 ۾ ن ليگ جو نديم عباس ڪامياب ٿيو.اين اي 196 قمبر – شهدادڪوٽ جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪامياب ٿيو، جڏهن ته اين اي 202 خيرپور 1 مان پ پ جي نفيسه شاهه کٽي وئي.اين اي 217 ٽنڊي الهيار مان پ پ جو ذوالفقار بچاڻي ۽ اين اي 199 گهوٽڪي مان پ پ جو علي گوهر مهر ڪامياب ٿيو.

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نواز شريف سمورين کٽندڙ پارٽين کي گڏجي حڪومت  ٺاهڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته عام چونڊون 2024ع ۾ مسلم ليگ ن سڀ کان وڏي جماعت بڻجي آئي آهي، اسان سڀني پارٽين ۽ فرد واحد جي مينديٽ جو احترام ڪندي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ گڏ ويهڻ جي دعوت ڏيون ٿا، اسان بار بار ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون هن ملڪ کي ڪن مان ڪڍڻ لاءِ سڀ ادارا سياستدان، پارليامينٽ پاڪ فوج، عدليا ۽ ميڊيا سڀ گڏجي پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪن، ملڪ ۾ استحڪام لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سال گهرجن، روشنيون وري واپس موٽي اينديون،  بيروزگاري، بدامني ختم ٿي ويندي، نواز شريف لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان جي اکين ۾ صاف صاف خوشي  جي چمڪ ڏسي رهيو آهيان ۽ هيءَ روشني چئي رهي آهي ته منهنجي پاڪستان کي سنواريو،هي روشني چئي رهي آهي ته پاڪستان  زخمي آهي ۽ اسان  جي حياتين ۾ روشن تبديلي اچڻ گهرجي، هيءَ روشني پاڪستان کي هڪ خوبصورت ملڪ ڏسڻ چاهي ٿي، هن ڪارڪنن کي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته انهن چونڊن ۾ مسلم ليگ ن سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀري آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته هن ملڪ کي ڪن مان ڪڍيو وڃي، نواز شريف چيو ته اسان جو ايجنڊا صرف ۽ صرف خوشحال پاڪستان آهي ۽ اسان اهو اڳ به ڪري ڏيکاريو آهي، اوهان کي معلوم آهي ته ڪنهن ملڪ لاءِ ڇا ڇا ٿيو، هن چيو ته اوهان کي معلوم آهي ته اسان ڪيئن پاڪستان کي مالياتي ڏکيائن مان ڪڍيو ۽ معشيت کي ٺيڪ ڪيو آهي، اوهان کي معلوم آهي ته پاڪستان ڪيئن خوشحال ٿي رهيو هو، اسان دفاعي صلاحيت لاءِ ڪردار اد اڪيو اهو به اوهان ڄاڻون ٿا، هن چيو ته مان شهباز شريف جي ڊيوٽي لڳائي آهي ته هو ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪري، هو اڄ ئي آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪري ۽ ٻڌائي ته پاڪستان جون موجود حالتون ان ڳالهه جون گهرجائون آهن ته اسان گڏجي هن ڪن مان ٻيڙي کي ٻاهر ڪڍون.

لاهور(م ڊ) نواز شريف جي هدايتن تي ن ليگ جي صدر شهباز شريف سياسي پارٽين  سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. شهباز شريف لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي،جنهن ۾ نمبر گيم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ايندڙ حڪومت لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو. پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ ڳالهه ٻول ڪئي وئي،آزاد ميمبرن سان ملاقات کانپوءِ معاملا طئي ڪيا ويندا،جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات رٿيل آهي،شهباز شريف ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول سان رابطو ڪيو، جنهن ۾ کيس ڪراچي ۾ ڪامياب ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون. شهباز شريف ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۾ گڏجي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو،هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا تي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان هن جي آواز ۾ هڪ پيغام جاري ڪيو ويو آهي، ان پيغام ۾ عمران خان کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته توهان ووٽ ڏئي حقيقي آزادي جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، مان توهان کي اليڪشن 2024ع کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته لنڊن پلان توهان جي ووٽ جي ڪري ناڪام ٿي ويو، پيغام ۾ نوازشريف تي تنقيد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته هن پاران 30 سيٽون پوئتي هئڻ باوجود به وڪٽري اسپيچ ڪئي وئي، عمران خان دعويٰ ڪئي ته ڌانڌلي شروع ٿيڻ کان پهرين اسان قومي اسيمبلي ۾ 150 سيٽن تي کٽي رهيا هئاسين، هن وقت اسان فارم 45 جي ڊيٽا مطابق قومي اسيمبلي جون 170 سيٽون کٽي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.