راڻا ثناءُ الله کي به اپ سيٽ شڪست، آزاد اميدوار کٽي ويو

 فيصل آباد(م ڊ) عام چونڊن ۾ هڪ ٻيو اپ سيٽ، راڻا ثناءُ الله  هارائي ويو، آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جو آزاد اميدوار ڊاڪٽر نثار جٽ هڪ لک 31 هزار 996 ووٽ کڻي ڪامياب  ٿي ويو آهي. اڳوڻو گهرو وزير ۽ مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر راڻا ثناءُ الله  فيصل آباد مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تان هارائي ويو. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 100 فيصل آباد جي 377 مان 377 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار ڊاڪٽر نثار جٽ 131996 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو.  مسلم ليگ ن جو راڻا ثناءُ الله 112403 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.