راولپنڊي(م ڊ) ملڪ اندر ٿيل چونڊن ۾ هڪ ٻيو اپ سيٽ ٿيو آهي، ن ليگ مان ڌار ٿيل چوڌري نثار ٻيو ڀيرو به هارائي ويو، سندس مخالف چوڌري غلام سرور به هارائي ويو. اين اي 54 راولپنڊي تي نواز ليگ جو نظرانداز ٿيل اميدوار عقيل ملڪ ڪامياب ٿي ويو آهي. ن ليگ جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي آزاد بيٺل عقيل ملڪ 85912 ووٽ کنيا، پي ٽي آءِ جي عذرا مسعود 73694 ٻيون نمبر رهي. چوڌري نثار 19093 ووٽ کڻي ٽيون نمبر آيو. اڳوڻو وفاقي وزير غلام سرور چوٿون نمبر ووٽ کنيا.