ملتان(م ڊ)نواز ليگ اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته عمران خان جنهن مرحلي مان پي ٽي آءِ ۽ ان جي ڪارڪنن کي گذاريو ۽ جهڙي طرح انهن لبيڪ ڪيو،ان تي پاڪستان جو عوام خراج تحسين جو مستحق آهي.ڪاش اسٽيبلشمينٽ به اهڙي ئي ذهني پختگي ڏيکاري ها. اسٽيبلشمينٽ 30 ڪلاڪن ۾ غير جانبداري نه ڏيکاري قوم جي خدمت ڪئي آهي. خداجي واسطي اڃا به پنهنجي رويي تي غور ڪريو،اسان عرض ڪنداسين ته شڪايت ٿيندي.