اسلام آباد (اين اين آءِ)نگران گهرو وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته اوهان کي فيصلن تي اعتماد ڪرڻو پوندو، هي اوهان جي بهتري لاءِ ڪيا ويا، اسان جي نيت ۾ جيڪڏهن کوٽ هجي ها ته اليڪشن جو هي رزلٽ نه هجي ها، موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ڪم آسان نه هو، هي فيصلو قوم جي ٻارڙن لاءِ ڪيو ويو، نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گوهر اعجاز چيو ته چونڊن کان هڪ رات اڳ 28 ماڻهو شهيد ٿي چڪا هئا. اسان کي انٽيليجنس رپورٽ ملي هئي، ٻئي حملا آپگهاتي نه هئا. ٻئي حملا ڊيٽو نيٽر ڊوائيسز سان ڪيا ويا، گوهر اعجاز ٻڌايو ته اسان هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ پنهنجي پولنگ اسٽيشنز کي ڪيئن محفوظ ڪري پئي سگهياسين، اسان لاءِ هر صورت ۾ انساني جان جي حفاظت اهم آهي، ان موقعي تي ڳالهائندي مرتضي سولنگي چيو ته گذريل ڏينهن انٽرنيٽ بند نه هئي نه سوشل ميڊيا تي پابندي هئي. انٽرنيٽ معطلي پاڪستان ايجاد ناهي ڪئي، سڄي دنيا ۾ ائين ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ فڪسڊ برانڊ بينڊ جي ذريعي سوشل ميڊيا هلي رهيو هو،