شانگلا (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي مالاڪنڊ ڊويزن جي ضلعي شانگلا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جا 3 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا. تفصيلن موجب شانگلا ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 11 تان مسلم ليگ (ن) جي امير مقام هٿان شڪست تي آزاد اميدوار سيد فرين جي حمايتين احتجاج ڪيو. معاملو ان وقت وڌي ويو جڏهن مظاهرين اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر جي گاڏي تي پٿراءُ ڪري ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته اي آر او مشڪل سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان موقعي تي مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون، پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي. جهيڙي جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ڪارڪن سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر 3 ڪارڪن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف دعويٰ ڪئي آهي ته شانگلا ۾ چونڊ نتيجن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪندڙ 4 شهري پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ پي ٽي آءِ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته پوليس جي فائرنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته درجنين ماڻهن کي غيرقانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو.