امير حيدر هوتي شڪست قبول ڪندي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي مرڪزي سينيئر نائب صدر حيدر خان هوتي عام چونڊن ۾ پارٽي جي ناڪامي کانپوءِ پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مردان مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 22 تان اي اين پي اميدوار حيدر خان هوتي کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. اي اين پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر حيدر خان هوتي جو چوڻ آهي ته هو مردان جي سمورن تڪن تي اي اين پي جي شڪست جي ذميواري کليل دل سان قبول ڪن ٿا ۽ شڪست جي ذميواري قبول ڪندي پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ٿو. پر مان پارٽيءَ جي جونيئر ميمبر جي حيثيت سان باچا خان جي قافلي جو حصو رهندس. واضح رهي ته حيدر هوتي خان مردان ضلعي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 22 تان اليڪشن ۾ حصو ورتو هو، جنهن ۾ سندس مخالف آزاد اميدوار عاطف خان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.