اسلام آباد(م ڊ) آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ پ پ جي اڳوڻي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪو به شرم نه ٿو اچي ته مان پنهنجي شڪست جو کليل دل سان اعتراف ڪريان. اهو ڏسي افسوس ٿيو ته پي ٽي آءِ اميدوار علي بخاري کي اسلام آباد جي تڪ 48 جي سيٽ تان هارايو ويو آهي جڏهن ته هو واضح طور تي کٽي رهيو هو. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته نتيجو بدلجي ويو آهي، اهي هاڻي به مقابلي ۾ نه هئا. اهڙي طرح شعيب شاهين به تڪ 47 تان واضح مارجن سان کٽيو آهي، پر نتيجا به سندس هٿ نه پيا اچن. هي سڀ کان بڇڙي قسم جي ڌانڌلي ۽ باهه سان کيڏڻ آهي.