نيويارڪ (م ڊ) اقوامي متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستاني سياستدانن کي مشورو ڏنو آهي ته اهي ووٽن جي ڳڻپ دوران پرسڪون رهو ۽ صبر ڪريو، ميڊيا رپورٽ سيڪرٽري جنرل چونڊن جي موقعي تي پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي موبائل سروسز بند ٿيڻ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي، هن سرڪاري خابرو اداري کي موڪليل پنهنجي اي ميل ۾ چيو ته سندن پاڪستاني چونڊن تي عقابي نظر آهي هو ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پر اميد آهي، انٽونيو گورٽيرس سمورن سياسي اڳواڻن کي مشورو ڏنو ته اهي ووٽن جي ڳڻپ ۽ حتمي اعلان تائين پاڻ به پرسڪون رهن ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي صبر جي تلقين ۽ اهڙي ڪنهن به ڪارروائي کان پاسو ڪن جيڪا تشدت کي وڌائي سگهي.