چونڊ نتيجن ۾ دير، سياسي پارٽين جا ڪارڪن سراپا احتجاج

 ڪراچي (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ چونڊن جي نتيجن ۾  دير جي خلاف مختلف سياسي پارٽين  جو اميدوارن  ڪارڪنن سميت  ٻين ماڻهن احتجاج ڪيو، خبر موجب ڪراچي جي  اولهه ضلعي  جي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ  آفيسر آفيس کي سيل ڪيو ويو  ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ڊي آر او آفيس ٻاهران پوليس ۽  رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن مطابق نتيجا نه ملڻ تي ڊي آر او آفيس ٻاهران گڏ ٿيا آهيون، فارم 45 مطابق کٽي چڪا آهيون جڏهن ته نتيجا روڪيا ويا آهن، ڪوئيٽا ۾ هزارا ڊيموڪريٽڪ پارٽي اليڪشن جي نتيجن ۾ دير جي خلاف ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاجي مظاهري ۾  پ پ 42 جو اميدوار عبدالخالق هزاره، پي  بي 40 جو اميدوار قادر علي سميت ٻيا شريڪ ٿيا، چيئرمين ايڇ ڊي پي عبدالخالق هزاره ٻڌايو ته خدشو آهي ته اسان سان ناانصافي ٿي رهي آهي، گذريل رات کان اسان هتي موجود آهيون پر اسان کي نتيجا نه پيا ڏنا وڃن. ڪوهاٽ جي ڊگري ڪاليج جي ٻاهران نتيجن ۾ دير ٿيڻ جي خلاف پي ٽي آءِ جي حمايتي ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو،  باجوڙ مان صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي  20 ۽  21 جي نتيجن ۾ دير جي خلاف پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پشاور جي علائقي باجوڙ جي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرا ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.