مُلڪي چونڊ نظام جو اڇو چٺو: ڪجهه سوال ۽ ڪجهه جواب

ذلفي چاچڙ

جيتوڻيڪ غير يقيني واري صورتحال ۾ آخرڪار عام چونڊون اعلانيل تاريخ يعني 8 فيبروري تي ٿي ته ويون آھن، پر غير يقيني ۽ خوف واري ساڳي صورتحال چونڊ ڏھاڙي تي به برقرار ئي رھي. جنھن سبب ووٽرن جو ٽرن آئوٽ گذريل اليڪشن کان گھٽ رھيو ۽ چونڊن ۾ ماڻھن جي عدم دلچسپي ۽ بيزاري ڏسڻ ۾ آئي، جيڪي چونڊ ڏھاڙي لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنن تي وڃي پنھنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي بدران پنھنجي گھر ۾ آرام ڪندا رھيا.  ايئن به ناھي ته پولنگ اسٽيشنن تي وڃي پنھنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪندڙ ماڻھو ڪي جمھوريت پسند ناھن، پر ڪنھن به عمل مان ايئن نٿو لڳي ته اسان ڪنھن جمھوري ملڪ ۾ رھون ٿا.

سوال اھو به آھي ته جمھوريت ۾ ايئن ڪٿي  ٿيندو آھي ته چونڊن جا نتيجا اڳواٽ طئي ڪري پوءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو ھجي. اھو سڀ ۽ اھڙا غير جمھوري عمل رڳو اسان جي ”جمھوري ملڪ“ ۾ ئي ڏٺا ويندا آهن. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اسان جمھوريت کي بھتر ۽ مسئلن جو  حل ته سمجھندا آھيون، پر پنھنجي عملن ۽ روين ۾ ڊڪٽيٽرن کان به ٻه وکون اڳتي وڌيل ھوندا آھيون، حقيقت پسند بڻجن جي بدران محدود دائرن ۾ شين کي ڏسڻ ۽ سوچڻ جا عادي بڻيل آھيون، جيڪو جمھوري اصولن جي خلاف آھي.

گذريل اليڪشن ۽ ھاڻوڪين چونڊن ۾ جيتوڻيڪ تمام گھڻي ھڪجھڙائي آھي، رڳو ڪردار تبديل ٿيل آھن، پر گذريل چونڊن ۾ عام ماڻھن گرمجوشي سان چونڊن ۾ ان ڪري حصو ورتو ھو ته کين اھا اميد ھئي ته ملڪ جي روايتي سياست جو خاتمو ايندو ۽ غير آزمايل وزارت اعظمي جو اميدوار عمران خان ملڪ ۾ موجود لاقانونيت، ميرٽ جو قتل، مھنگائي ۽ ڪرپشن کي ختم ڪري ملڪ کي اھڙن ملڪن جي صف ۾ بيھاريندو، جن ملڪن جي عدالتن جا انصاف ڀريا فيصلا، پوليس جو عام ماڻھن سان رويو، فوج جي غير جانبداري، سياستدانن جي سھپ، موصلاتي نظام ۽ سندن  ترقي بابت  ٻڌي اچرج سان گڏ حسرت به ٿيندي ھئي ته ڪاش، اسان جو ملڪ به اھڙو ئي ترقي يافته ۽ سڌريل ھجي ھا، جتي ڪير به پنھنجي حد پار ڪري ڪنھن ٻئي کي چيڀاٽڻ لاءِ ھر وقت تيار ۽ آتو نه ھجي ھا. پوءِ ڇا ٿيو؟ ڪنھن سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪ ۾ رھڻ وارو خواب عوام لاءِ خوفناڪ ۽ نھايت ئي خطرناڪ ثابت ٿيو، جيڪي ماڻھو محنت مزدوري ڪري ٻئه ويلا ماني کائي رب جو شڪر ادا ڪري زندگي گذاري رھيا ھئا، کانئن اھي ٻه گرھه به ڦرجي ويا، جڏھن  سندن جيئڻ جا رستا تنگ ٿيڻ لڳا ته اھي واپس پراڻي دور ۾ وڃڻ جي تمنا ڪرڻ لڳا، جيڪو ڪنھن به طرح ممڪن نه ھو.

نگران حڪومت پاران چونڊن کان محض ھڪ ڏينھن اڳ ۾ اھو اعلان ڪيو ويو ھو ته چونڊ ڏھاڙي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بحال رھندي پر چونڊ ڏھاڙي پولنگ اسٽيشن جو وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي نه رڳو انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي پر گڏو گڏ موبائل سروس به بند ڪئي وئي، جنھن سبب ووٽرن سمجھو ته ملڪ ۾ ضرور ڪا نه ڪا گڙبڙ ٿيڻ واري آھي، ان لاءِ شھرين ٻاھر نڪرڻ جي بدران پنھنجي گھرن ۾ رھڻ کي ترجيح ڏني ووٽرن جو چونڊ عمل ۾ عدم دلچسپي جو ھڪ وڏو ڪارڻ اھو به آھي ته کين چونڊن جا نتيجا اڳواٽ ئي ڏسڻ ۾ ٿي آيا، گذريل ڪجھه ڏينھن اڳ ۾ ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ ھڪ اشتھار پڻ ان جو ثبوت آھي، جنھن ۾ نواز شريف خود کي پاڪستان جو وزيراعظم ظاھر ڪيو آھي. جيڪو ٽي ڀيرا اڳ ۾ وزيراعظم پڻ رھي چڪو آھي ۽ گذريل پي ڊي ايم جي حڪومت، جيڪا سورنھن مھينا ھلي، جي اڳواڻي به نواز شريف ئي ٿي ڪئي. وزيراعلي ۽ وزيراعظم بڻجڻ کان جي باوجود به نواز شريف ملڪي تاريخ توڙي سياسي دنيا ۾ ڪو غير معمولي ڪردار ادا نه ڪري سگھيو ته پوءِ ھاڻ چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ سان منجھس ڪھڙي ڪرامت اچي وئي ھوندي، جنھن سان ھو ملڪ کي مڙني مسئلن ۽ بحرانن مان ڪڍي ويندو؟ ووٽرن جو چونڊ عمل ۾عدم دلچسپي جو سبب به اھا ئي ڳالھه آھي،  جنھن کين گھرن مان نڪرڻ نه ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.