حيدرآباد ۾ چونڊ ڪيئن گذري

امتياز چانڊيو

حيدرآباد ۾ ڇڪتاڻ، هڪ ٻئي کي داٻن، دڙڪن، ڌانڌلي جي الزامن ۽ فائرنگ واري ماحول ۾ نيٺ جنرل اليڪشن 2024 به ٿي وئي، اليڪشن دوران سگهارا توڙي ڪمزور هزارن جي تعداد ۾ مختلف پارٽين جا ۽ آزاد اميدوار هڪ ٻئي سامهون ميدان تي لٿل رهيا، گذريل اليڪشنن کان هيءَ اليڪشن مختلف ان ڪري به رهي جو هن ڀيري بيلٽ پيپرن تي 20 کان 30 چونڊ نشان ڏسي ووٽر حيران ۽ پريشان ٿيندا رهيا.

بهرحال حيدرآباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيپلز پارٽي ۽ شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ مذهبي تنظيمن جي اميدوارن جو پلڙو ڀاري رهيو، صبح جو 8 وڳي کان شروع ٿيل پولنگ اسٽيشن بنا وقفي جي شام جو 5 وڳي تائين هلنديون رهيون، پولنگن ٻاهران اميدوارن، سندن حمايتن، پولنگ ايجنٽن، ووٽرن جا ميلا متل رهيا، مختلف پارٽين جي اميدوارن پاران پنهنجن علائقن ۾ موڪليل جهنڊن وارين گاڏين جو ووٽرن کي پولنگ تائين پهچائڻ لاءِ علائقن جو گشت به جاري رهيو.

ڏسڻ ۾ ته عام ماڻهن جي اليڪشن ۾ دلچسپي تمام گهٽ رهي ۽ دير تائين ٽرن آئون پڻ تمام سست رهيو، پر ان هوندي به هر اميدوار پنهنجي وڌيڪ مقبوليت جي دعويٰ ڪندو رهيو، شهري توڙي ٻهراڙي وارين پولنگ اسٽيشنن تي مختلف اميدوارن ۽ سندس حمايتين وچ ۾ هڪ ٻئي مٿان ڌانڌلين ڪرڻ جا الزام مڙهيندي چڪريون به ٿيون، هر پارٽي پاران پولنگ ٻاهران پنهنجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي هئي، پولنگن ٻاهران برياني جا باڪس به ورهائبا رهيا. حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي جي هڪ پولنگ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي اميدوارن وچ ۾ هڪ ٻئي مٿان ڌانڌلي جا الزام مڙهي جهيڙو پڻ ٿيو، جنهن دوران فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب 5 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي اسپتال پهتا. جڏهن ته قاسم آباد واري تڪ تي اطلاعن مطابق جي ڊي اي جي اميدوار اياز لطيف پليجو جي پولنگ ايجنٽن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو ويو.

حيدرآباد ۾ جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي اميدوارن وچ ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيو، حيدرآباد ۾ ووٽ ڏيندڙ جي هڪ طرف اردو آبادي ۽ ٻئي طرف سنڌي آبادي آهي، گذريل ٽن ڏهاڪن دوران حيدرآباد جي سياست ٻولي جي بنياد تي ورهايل به رهي آهي، حيدرآباد ۾ اهڙو ته سياسي ماحول جڙيل رهيو آهي جو اردو ڳالهائيندڙ اڪثر ماڻهو پيپلز پارٽي يا ٻي ڪنهن به سنڌي ڳالهائيندڙ پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ پسند ئي نه ڪندا آهن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ووٽر وري ايم ڪيو ايم سميت ڪنهن به اردو ڳالهائيندڙ پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي هوندا، جنهن ڪري ايم ڪيو ايم مجبورن ئي سهي پر ڪيترائي ڀيرا سنڌي آبادي واري تڪن تي سنڌي ڳالهائيندڙ اميدوار ۽ پيپلز پارٽي ڪيترائي ڀيرا اردو ڳالهائيندڙ جي تڪ تي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو کي اميدوار طور بيهاريندي رهي آهي، تنهن ڪري لطيف آباد جي پي ايس 62 تي پيپلز پارٽي جو اردو ڳالهائيندڙ اميدوار جبار خان بيٺل آهي، سندس مقابلو ايم ڪيو ايم جي اميدوار صابر قائمخاني سان آهي، صابر قائمخاني هن تڪ تي قومي اسيمبلي ۾ گذريل اليڪشن ۾ فاتح بڻيل آهي ۽ جبار خان گذريل اليڪشن ۾ پهريون ڀيرو ڄاڻايل پي ايس واري تڪ تي به ڪامياب ٿيو هو. پيپلز پارٽي جي اميدوار کي سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ پٺاڻ ڪميونٽي جي مڪمل حمايت حاصل آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي هن تڪ تي مشڪل جو شڪار رهيون، ڇو ته اردو  ڳالهائيندڙ ووٽر ٽن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن، هڪڙا ايم ڪيو ايم، ٻيا پي ٽي آءِ ۽ ٽيان جماعت اسلامي جا جهنڊا کڻي نعريٰ هڻندي نظر آيا آهن، اردو آبادي جو ٽن حصن ۾ ووٽ ورهائجڻ ڪري پيپلز پارٽي جي اميدوار جي پوزيشن مضبوط نظر پئي آئي.

جيتوڻيڪ قاسم آباد جي پي ايس 60 تي جي ڊي اي جي اميدوار نامياري قومپرست اڳواڻ اياز لطيف پليجي چونڊ مهم دوران گهر گهر وڃي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ نه صرف ايترو پر سوشل ميڊيا تي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان به کيس حمايت حاصل آهي ۽ اتان به قاسم آباد جي ماڻهن کي اياز لطيف پليجي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اپيلون ٿينديون رهيون آهن، قاسم آباد ۾ رهندڙ نوان پسند ماڻهو اياز لطيف پليجي جي حمايت ڪري کيس اسيمب لي تائين پهچائڻ جي خواهش به رکن ٿا، پر ٿيندو اهو رهيو آهي، ته 2013 ۽ 2018 واري جنرل اليڪشن ۾ اياز لطيف پليجو ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته قاسم آباد ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهو سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن سان تعلق رکن ٿا، جنهن ڪري سندن ووٽ به انهن ئي علائقن ۾ داخل ٿيل آهي ۽ هن علائقي جي اڪثر ماڻهن جا ووٽ هتي رجسٽرڊ ئي ناهن، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل پيپلز پارٽي جو اميدوار ڄام خان شورو هتي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڌيڪ اثر رکي ٿو، راڄ ڀاڳ هجڻ ڪري هو هن تڪ جو مضبوط اميدوار طور سامهون اچي ٿو وڃي. هن ڀيري اياز لطيف پليجي گذريل اليڪشن کان وڌيڪ محنت ڪئي آهي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن توڙي ڪارڪن عورت گهر گهر وڃي ووٽر کي اياز لطيف پليجي جو پيغام پهچايو ۽ کين ووٽ لاءِ گذارشون ڪيون آهن. اليڪشن نتيجن اچڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي ته ڄاڻايل تڪ تي فتح ڪنهن کي نصيب ٿي ٿئي.

حيدرآباد شهر وارين قومي ۽ صوبائي تڪن تي سدائين ايم ڪيو ايم جا اميدوار سوڀارا ٿيندا رهيا آهن، هن ڀيري به هن نج شهري تڪ تي ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽِي، جماعت اسلامي ۽ سنڌ هاري تحريڪ جي اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، هن مقابلي واري ڊوڙ ۾ سخت مقابلو ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي اميدوارن وچ ۾ رهيو، هن تڪ تي به اردو آبادي جا ووٽ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويا هئا، فاتح ڪير ٿيندو، اهو ته نتيجن اچڻ کان پوءِ ئي سامهون ايندو ۽ خبر پوندي ته عوام ڪنهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ٿو ڪري.

حيدرآباد ٻهراڙي جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي جيتوڻيڪ ڪيترن ئي پارٽين، اتحادن ۽ آزادي اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، پر هن تڪ تي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ هاڻوڪي اميدوار شرجيل انعام ميمڻ جو پلڙو باري آهي، هر طرف کان سندس ڪاميابي جا گيت هلي رهيا هئا.

اليڪشن ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ضلعي انتظاميا، رينجرس ۽ پاڪ فوج جي جوانن پاران سخت حفاظي انتظآم ڪيا ويا هئا، ڪيترين ئي حساس قرار ڏنل پولنگن تي رينجرس ۽ پاڪ فوج جي جوانن جو گشت جاري رهيو، جڏهن ته ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سيد خالد حيدر شاهه عملي سميت پولنگن جو دورو ڪيو ۽ هن سيڪيورٽي جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف ڊويزنل فوڪل پرسن ميڊيا حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر اطلاعات ارشاد علي چانڊيو حيدرآباد ۾ چونڊ عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ پوري ضلعي جي مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو. فوڪل پرسن ميڊيا تعلقي، سٽي ۽ تعلقي قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن ۾ هلندڙ چونڊ عمل جو جائزو ورتو. سندس چوڻ هو ته پوري ضلعي ۾ چونڊن لاءِ اثرائتا انتظام ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي حيدرآباد پڻ پنهنجي عملي سميت پولنگن تي حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺندو رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.