ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان واري صورتحال ڪڏھن بحال ٿيندي؟

سرمد گُل ڀُٽو

 اِن ڳالھه کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ضلعو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ اول کان قبائلي جھيڙن توڙي بدامنيءَ ۾ ”ٽاپ لسٽ“ تي رھيو آھي. وَرھين گُذري ويا آھن پوءِ به ھِن ضلعي اندر امن امان واري صورتحال بحال ٿي نه سگھي آھي، رھندو پھريان کان وڌيڪ ھِن ضلعي جو ماحول خراب ٿيندو رھيو آھي، چوريون، ڦرون، ڌاڙا، معصوم ٻالڪ توڙي وڏن کي آئي روز اغوا ڪرڻ، ڄڻ ته ھِن ضلعي جو ڪاروبار بڻجي چڪو آھي، ڇو ته ھِن ضلعي اندر پوليس جا وڏا وڏا آفيسر آيا، ۽ ھليا به ويا! پر افسوس جو سي به ھِن ضلعي اندر امن امان واري صورتحال پيدا نه ڪري سگھيا. ۽ ھاڻ ته ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جو امن امان بحال ڪرڻ خاطر چند مھينن کان ريجنرز کي سنڌ سرڪار طرفان ”فُل اختيارات“ مليل آھن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي رينجرز وارن به ڪو ٻارڻ نه ٻاريو آھي! رھندو ھِن ضلعي اندر ھر آئي ڏينھن، سريعام ڦرون، ڌاڙا توڙي قبائلي جھيڙا وڏي زور و شور سان ڏسڻ وٽان نظر آيا آھن، جنھن آڌار تي ھِن ضلعي جو ماحول ناساز بنجي بدامنيءَ جي گس ڏانھن ڌڪجڻ  لڳو آھي.

جيتوڻيڪ ھِن ضلعي اندر عام شھري سُک جو ساھ به نٿا کڻي سگھن، پوليس توڙي رينجرز جي خاموشي ھِن ضلعي جي عزتدار توڙي ڪاروباري ماڻھن کي، مايوسيءَ جي عالم وٽان پوئتي ڌڪي، نفسياتي مريض ڪري ڇڏيو آھي. آخر ھِن ضلعي اندر وَرھين کان ايتري انڌير نگري ڪھڙي بيحاف تي ٿي رھي آھي، ڪھڙا سبب آھن جو سنڌ سرڪار توڙي مٿين سرڪار به ھِن ضلعي کي لاوارثن جيان پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آھي، جو پُٺتي پيل ھِن ضلعي جي وارثي ۽ مالڪي ڪرڻ لاءِ سڀ ڪو نابري ٿو ڏيکاري! ڇا بدامنيءَ جي وڌڻ سبب ھِن ضلعي اندر امن امان واري صورتحال بحال ٿي نٿي سگھي؟ يا سبب ڪجھ ٻيا آھن.! آخر ڪھڙيون طاقتون ھِن ضلعي اندر پنھنجون واڳون سنڀالي ھِن لاوارث ضلعي جي ماڻھن کي جھالت جي گس ڏانھن ڌڪن پيون! جيڪر ھِن ضلعي اندر نظر ڦيرائبي ته سڀ ڪنھن جي زبان ۾ رُڳو سرداري نظام جو نالو ٻُڌڻ وٽان اچي ٿو، ھا سرداري نظام جنھن آڌار تي ھي ضلعو وَرھين کان قبائلي جھيڙن توڙي جھالت جي ھٿ ٺوڪي ريتن، رسمن ۾ و نيست ۽ نابود ٿيندو رھيو آھي. ان ڳالھ کان به انڪار ڪون ٿو ڪري سگھجي ته ھِن ضلعي جا سردار توڙي ڀوتار پنھنجي پنھنجي تر ۾ وڏو اثر رسوخ پڻ رکن ٿا، جنھن آڌار تي سڀ ڪو تن جي نه چاھيندي به واکاڻ ڪرڻ ۾ نظر پئي آيو آھي، ظاھر آھي اول کان ئي عام ماڻھو طاقتور آڏو ھيڻو ۽ ڪمزور رھيو آھي! ڇو ته جڏھن به جنھن مھل به طاقتور آڏو عام ماڻھو ڳاٽ اوچو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ھليو آھي، ته اُن مھل طاقتورن ان جو ڳاٽ ڌر کان ڌار ڪري ڇڏيو آھي، سو اِن ڪارڻ ته طاقتور ماڻھو پنھنجو دٻدٻو قائم رکڻ لاءِ سڀني کي پنھنجي طاقت جي زور تي پيرن ھيٺان رکڻ ۾ ڪا به ڪس ڪسر نه ڇڏي آھي. اِھي طاقتور سردار ڪڏھن به نٿا چاھن ته اسان کان ڪير باغي ٿي، اسان جي خلاف آواز اوچو ڪرڻ جي دعوي ڪري! جيڪر ڪير تن جي خلاف چپ به چوريا ته سمجھو اُن موت کي مھمان سمجھي پاڻ دعوت ڏني آھي!

ايتري انڌير نگري ھِن ضلعي اندر وَرھين کان پنھنجو دٻدٻو قائم ڪري چُڪي آھي، افسوس جو اڄ تائين ڪير به ان جو ادراڪ نه ڪري سگھيو آھي. ھِن ضلعي اندر سڀ کان وڏو الميو اِھو به رھيو آھي ته ھِن ضلعي جا سرڪاري آفيسر به سردارن آڏو بيوس توڙي ھيڻا ڏسڻ وٽان نظر آيا آھن! آخر ڪھڙا سبب آھن، جو سرڪاري آفيسر به ھِن ضلعي جي سردارن کان خوفزده رھڻ لڳن ٿا؟ جو تن کي گرفتار ته پري جي ڳالھه رھي، اک اک سان ملائي، ۽ ڳاٽ اوچو ڪري ڳالھائي به نٿا سگھن. ياد رھي ته ڪجھ مھينا اڳ ھِن ضلعي اندر شعور جو قتل ٿيو! ھا اُن شعور جو جيڪو قبائلي جھيڙن جي آڙ ۾ ناحق ماريو ٿي ويو، جنھن جو تدارڪ اڄ تائين ٿي نه سگھيو آھي ۽ افسوس جو اُن شعور کي به پاڻ وساري ڇڏيو آھي! ۽ ساڳي جھالت واري دور جي حامي ڀرڻ ۾ جنبجي جاھل ٿي ويا آھيون! اُھو شعور رُڳو ھِن ضلعي جو نه بلڪ پوري سنڌ جو شعور ھُيو، جيڪو قبائلي جھيڙن جي آڙ ۾ ظالمن ھٿان ناحق گولين جو کاڄ بنجي ويو! اُن شعور ته رُڳو اِھو ٿي چاھيو پنھنجي پُٺتي پيل ھِن ضلعي کي جھالت کان پري رکي، تعليم سان سنوارجي، اِن آڌار تي اُن شعور پنھنجي جنت جھڙي زندگي کي الوداع ڪري، پنھنجن ماروئڙن خاطر سنڌ ۾ شعور جو ڏيئو روشن ڪرڻ ٿي چاھيو. اُن کي خبر ھُئي، سنڌ اول کان ئي ڌاڙين جي غُلاميءَ ھيٺ رھي آھي! اُن کي خبر ھُئي، سنڌ ديس جا ماروئڙا سردارن، پيرن، ميرن جي ھٿ ٺوڪي ريتن، توڙي رسمن ۾ جھالت واري زندگي گھاري رھيا آھن،

اُن کي خبر ھئي، پنھنجي پٺتي پيل ھِن ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ تعليم جو شعور اول کان جھالت جي ور وڪوڙيل رھيو آھي. اُن اھو ٿي چاھيو، پنھنجن غريب توڙي مسڪين ماروئڙن جي ٻچڙن کي علم جھڙي دولت سان مالامال ڪري، تن جو مستقبل روشن ڪبو، پر اُن کي اِھا خبر شايد نه ھئي، ته ھِن پُٺتي پيل ضلعي اندر با اثرن جي آشيرواد کان سواءِ ڪير چپ به چوري نه سگھيو آھي. ھا اُن شعور جو نالو شھيد پروفيسر اجمل ساوند ھُيو، جنھن فرانس جھڙي مُلڪ کي الوداع ڪري پنھنجي سنڌين لاءِ من اندر اھا آس ۽ اميد رکي واپس وريو، ته غُلاميءَ ۾ سُتل سنڌي قوم کي جاڳائي تن کي شعور ڏئي اڳتي آڻبو! اُھو شعور برابر آئون ئي تن کي ڏئي سگھان ٿو، پر ھِن ضلعي جي با اثرن اھو ڪونه ٿي چاھيو!! وڏي پري پلاننگ تحت سنڌ جي شعور کي قبائلي جھيڙن جي اوٽ وٺي ظالمن ناحق مارائي ڇڏيائون، با اثرن اھو ڪڏھن به برداشت نه ڪيو آھي ته ھِن ضلعي اندر تعليم جو ڏيئو روشنين سان روشن ٿي سگھي! ۽ شعور وڌي سگھي، ان آڌار تي پروفيسر اجمل ساوند کي ظالمن مارائي ڇڏيو. ياد رھي ته اُن وقت ھن ضلعي اندر، ”ھادر ايس ايس پي عرفان سمون ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيو ھو، جيڪو تمام ايماندار آفيسر رھيو آھي، ڇو ته ”نو ڪمپرومائيز“ ڪرڻ وارن منجھان آھي، اُن شھيد پروفيسر جي قاتلن جا پيرا ڳولي، قاتلن جي قبيلي جي سردار تي آندا، جنھن آڌار تي اُن سردار کي گرفتار ڪرڻ وارو ھُيو ته بدقسمتيءَ سان اُن بھادر آفيسر جي ھِن ضلعي مان به بدلي ڪرائي ويئي! ظاھر آھي جي اگر قبيلي جو سردار گرفتار ٿي وڃي ھا ته پوءِ برابر شھيد پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل به پوليس جي گرفت ۾ اچي وڃن ھا.” پر ائين نه ٿي سگھيو!

شھيد پروفيسر اجمل ساوند جو خون رائيگان ڪرڻ خاطر ويتر ھِن ضلعي اندر بدامنيءَ جي باھ پھريان کان وڌ ڀڙڳڻ لڳي، جيئن ھِن ضلعي توڙي پوري سنڌ جي ماڻھن جو ڌيان  اھڙي ناساز واقعي مان ھليو وڃي! اڄ تائين ھِن ضلعي اندر قبائلي جھيڙا وڏي زور و شور سان ھلندا پيا اچن، جنھن جو تدارڪ اڄ تائين نه ٿي سگھيو آھي، مان سمجھان ٿو پوري سنڌ اندر جيڪا به رت جي راند شروع ٿي آھي، يا وھي پئي! اُن جا پيرا صرف ۽ صرف سرداري نظام ڏانھن ئي اشارو ڪن ٿا، پر آخر ڪيستائين سنڌ ۽ سنڌي قوم جھالت واري فرسوده نظام ۾ غرق رھندي! ”نيٺ ته ڊھندي ڪيسين رھندي، دوکي جي ديوار او يار“.

مان سمجھان ٿو جڏھن شعور جو ڏيئو پوري سنڌ ۾ روشن ٿيڻ لڳندو، تڏھن سنڌ امڙ ضرور ھوشو، ھيمون، توڙي دولھه دريا خان جي روپ ۾ بھادر پُٽن کي جنم ڏئي، سنڌ کي سدائين علم ۽ شعور جي ڏيئن سان روشن ڪري، ھڪ نه ھڪ ڏينھن جھالت توڙي ھٿ ٺوڪي ريتن رسمن واري فرسوده نظام مان آجو ڪرائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.