سماجي سائنس جي حقيقت ڇا آهي؟

انور پنھور

توهان ڪڏهن سوچيو آهي، ته هتي جديد علمن تي مشتمل ڪيتريون ئي  يونيورسٽيون موجود آهن، پر پوءِ به اسان جي سماج اندر بک، بيروزگاري، بيماري، لاعلاجي، جهالت ۽ غربت سميت انيڪ مسئلا حل ٿي ڇو نه سگهيا آهن؟ حيرت جي ڳالھه اها آهي، ته هي مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ هر گذرندڙ ڏينهن سان اڃان وڌي رهيا آهن. شايد هنن تعليمي ادارن جي علمن جو سماج جي مسئلن سان ڪو واسطو نه آهي يا هتان جي مسئلن کي پيدا ڪرڻ ۾ ھنن ئي تعليمي ادارن جو ته ڪو هٿ نه آهي؟ ياد رهي ته هنن تعليمي ادارن اندر سماجي سائنس جي علمن کي ان لاءِ ئي پڙهايو ويندو آهي، ته اهي سماج جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

سماجي سائنس جي موضوع تي ڪجھه چوڻ کان اڳ ۾ اهو تعين ڪرڻ لازمي بنجي ٿو  ته علم خود ڇا آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج اندر هن علم جون ڪيتريون ئي تشريحون ۽ وصفون بيان ڪيون وڃن ٿيون. مابعد الطبيعات، جادو، ٽوڻا، ڦيڻا، تعويذ ۽ مذهبي تعليم کي پڻ سماجي نجات جي طور تي علم ڪري ليکيا وڃن ٿا. پر حقيقت ۾ هڪ کي ڇڏي، باقي  سڀئي ڪنهن به طرح علم جي وصف جي دائري ۾ ئي نه ٿا اچن. باقي مذهبي تعليم جيڪا پڻ صرف ئي صرف عقيدي ۽ ان جي عبادت جي ئي پرچارڪ هوندي آهي. جنهن جو سماج سان ڪو به ڪار  وهنوار نه هوندو آهي. جيڪڏهن مذهبي عقيدي کي علم جي طور تي مڃيو به وڃي، ته هن وقت دنيا ۾ چار هزارن کان وڌيڪ مذهب موجود آهن. جيڪي نه صرف هڪٻئي کان مختلف آهن، پر ڪن هنڌن تي اهي هڪٻئي جا جاني دشمن طور پڻ ڄاڻايا وڃن ٿا. انهن سڀني وٽ انساني سماج جي متعلق انهن جون چار هزار کان وڌيڪ تشريحون آهن، يعني اهي هن زمين جي گولي کي چار هزار حصن ۾ ورهائڻ جا خواهشمند آهن. علم ڇا آهي؟ ان جو سادو جواب اهو آهي ته انسان پنهنجي سماجي ارتقائي سفر جي دوران ڪيتريون ئي منزلون ۽ مرحلا طئي ڪري اڳتي وڌائيندڙ اهڙي ڄاڻ جوتعين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن ماضي جي سموري انساني ڏاهپ کي تاريخ جي ردي جي ٽوڪري  ۾ اڇلي ڇڏيو هو. هاڻي انسان  ان ڄاڻ يا علم جي آڌار تي پنهنجي نئين تخليق، نئين تعمير ۽ پيداوار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اهليت حاصل ڪري ورتي هئي. مختصر لفظن ۾ علم جي وصف هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿي، ته اهڙي ڄاڻ، جيڪا تخليق (Creation)، تعمير (Construction) ۽ پيداوار (Production) ڪرڻ جي صلاحيت رکي ته ان کي علم (شعور) چئبو آھي. ٻين لفظن ۾ ان کي سائنس به چئبو آھي. ياد رهي ته عالمي سطح تي سائنس جي فقط هڪڙي ئي شڪل ۽ تشريح رائج آهي ۽ اهڙو سائنسي علم ڌرتي کي ورهائڻ بجاءِ سموري زمين جي گولي کي هڪ ڳوٺڙي جي صورت ۾ تبديل ڪري  ڇڏيو آهي.جتي هر ماڻهو پنهنجي مرضي سان ڪنهن به هنڌ پنهنجو رابطو نه صرف آساني سان ڪري سگهي ٿو، بلڪ بنا مت ڀيد جي ان سان پنهنجو رشتو به جوڙي سگهي ٿو. حيرت جي حد تائين سائنس جي مخالفت ڪندڙ فرد  به سائنس جي  فراهم ڪيل سمورين نعمتن، سهولتن ۽ آسائشين کي وڏي پيماني تي استعمال ڪندا رهن ٿا.

سائنس ڇا آهي؟ ان جو سادو جواب اهو آهي، ته سائنس انساني شعور جو اهڙو اظهار آهي، جيڪو پنهنجي وجود کان وٺي هزارين سالن جي عرصي ۾ پنهنجي مشاهدن ۽ تجربن جي بنياد تي وجود ۾ آيو آهي. جنهن ۾ ڪروڙين انسانن جون ناڪاميون ۽ ڪاميابيون شامل آهن. اهو علم ڪنهن هڪ فرد جي ايجاد نه آهي، پر ان ۾ سموري انساني سماج جو اجتماعي هٿ آهي يا ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته ان علم جي تخليق ۾ انساني هٿن جي محنت جو ئي ڪمال شامل آهي. جيڪڏهن انسان جي محنت کي ان مان خارج ڪيو وڃي، ته صرف سادي سوچ ئي پوئتي رهجي وڃي ٿي.  جيڪا سوچ ڌرتي تي موجود باقي ٻين جانورن ۽ پکين ۾ اڄ به موجود آهي. ڪارل مارڪس سائنس جو جوهر ڪڍندي چوي ٿو، ته "جيڪڏهن شين (مادي) جي اندر ۽ ٻاهر فرق موجود نه هجي ها ته سائنس ئي وجود ۾ نه اچي ها“.

وقت جي ڏاهن ماڻهن سائنس جي علم کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. هڪ نيچرل سائنس (فطري سائنس) يعني مادي شين جي ترقي ڪرائڻ جو علم. ٻيو سوشل سائنس (سماجي سائنس) يعني انساني سماج جي ترقي ڪرائڻ جو علم. تاريخ جي سفر ۾ فطري سائنس جي ورهاست ڪري، ان کي  فزڪس، ڪيميسٽري، بائلاجي، زولاجي، باٽني ۽ ڪاسمالاجي سميت ٻين ڪيترين ئي سوين برانچن ۾ ورهايو ويو آهي. اهڙي طرح سوشل سائنس جي ورهاست ڪري ان کي پڻ ڪيترين برانچن يعني سوشالاجي، ايڪانامڪس، پوليٽيڪل سائنس، جيورسپرڊنس، هسٽري، جاگرافي، پبلڪ هيلٿ، سائيڪالاجي، آرڪيالاجي،  انٿراپالاجي، ڪميونيڪيشن، لنگئسٽڪ  ۽ ٻين شاخن ۾ ورهايو ويو آهي.

بظاهر اها هڪ حيرت جهڙي ڳالهه آهي، ته فطري سائنس ۽ ان جي سمورين برانچن تي عمل ڪندي، نه صرف ڌرتي تي مادي ترقي جي حدف کي ڇهندي، ڏور خلائن جي اوچاين تائين رسائي ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پر ٻئي طرف سوشل سائنس ، جنهن کي انساني سماج جي ترقي ڪرائڻي هئي، اها پنهنجو حدف حاصل ڪرڻ ۾ نه صرف بري طرح ناڪام ثابت ٿي آهي، پر پنهنجي انساني سماجي نظام کي ڪيتريون صديون پوئتي پڻ ڌڪي ڇڏيو آهي.

نيچرل سائنس جي سمورين شاخن وانگر سماجي سائنس جي هنن شاخن  جو اسان جي سماج جي اندر ڪو به تخليقي، تعميري ۽ پيداواري  ڪردار نه آهي، بلڪ انساني سماج جي تباهي ۽ بربادي ڦهلائڻ ۾ هنن جو اهم ڪردار رهيو آهي. هٿرادو طور تي سماج جي چئني طرفن ۾ غربت، محرومي، بيروزگاري، بيماري، لاعلاجي، جهالت، ناانصافي، مجبوري، بيوسي ۽ ماحول جي گدلاڻ وغيره پکڙي ڇڏي آهي. حيرت ته ان ڳالھ جي آهي، ته سماجي سائنس جي نالي تي هنن سموري شاخن کي سڄي دنيا جي يونيورسٽين اندر وڏي فخر سان علم جو طور تي پڙهايو وڃي ٿو.  (هلندڙ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.