انٽرنيٽ بند ڪري چونڊون تڪراري ٿيڻ کان بچايون ويون؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف منصوبا بندي تحت نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پنجويھه پنجويھه ھزار ڏئي چونڊن کي تڪراري بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ پيداڪرڻ جي سازش ڪئي ھئي، جنھن کي انٽرنيٽ بند ڪري ناڪام بڻايو ويو،سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار گوھر بٽ چيو آھي ته چونڊن واري ڏينھن تي انٽرنيٽ بند ڪري 9 مئي جھڙي ھڪ منصوبي کي ناڪام بڻايو ويو آھي. گوھر بٽ دعوا ڪئي ته ملڪ جي مختلف شھرن جھڙوڪ اسلام  آباد، لاھور، پشاور ۽ ڪراچي ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پنجويھه پنجويھه ھزار رپين جي رقم ڏئي کين اھا ھدايت ڪئي وئي ھئي ته پولنگ اسٽيشنن جي اڳيان بيھي ڌانڌلي ٿيڻ جي گهوڙا گھوڙا ڪري ويڊيوز ٺاھي اھي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ڇڏجو، ته جيئن چونڊون تڪراري بڻجڻ سان گڏ ملڪ ۾ امن و امان جي صورتحال خراب ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.