ڪراچي (م ڊ ) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان ڪراچي ۾ ڌانڌلي جو الزام هنيو آهي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ جي آزادي ڏني وئي آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سڄو ڏينهن پولنگ هلي رهي هئي پر شام جو ايم ڪيو ايم جي ماڻهو پولنگ اسٽيشن ۾ داخل قبضو ڪيو.