ڪراچي (م ڊ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسلام آباد روانو ٿي ويو. زرداري هائوس ذريعن موجب اڳوڻو صدر عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ بعد نوابشاهه کان اسلام آباد روانو ٿيو. ان کان اڳ نوابشاهه ۾ ووٽنگ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جو مستقبل روشن آهي، اميد آهي ته پيپلز پارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي.