ڪراچي ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ، جماعت اسلامي ڏانهن لاڙو

ڪراچي(تجزيو: عدنان هاشمي)ڪراچي ۾ گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري چونڊون پرامن طريقي سان ٿيون. مان پاڻ ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن جو مشاهدو ڪيو جتي پولنگ پرسڪون انداز سان جاري هئي پر ووٽر ٽرن آئوٽ گهٽ هو، ماڻهن جي چونڊن ۾ دلچسپي گهٽ نظر آئي. ان جو سبب نه ايم ڪيو ايم لنڊن هئي ۽ نه ئي پي ٽي آءِ، عوام جي وڏي انگ هن موڪل جو ڏينهن ووٽنگ لاءِ  استعمال ڪرڻ بدران ننڊ يا آرام ڪرڻ کي ترجيح ڏني. ڪٿي پي ٽي آءِ جون ڪيمپس ته ڪٿي پيپلزپارٽي جي ڪيمپس ۾ عوام جو وڏو انگ نظر آيو، جيڪي انهن ڪيمپن مان ڄاڻ وٺندا رهيا. مان گهڻو ڪري اولڊ سٽي ايريا جي اندر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ووٽنگ جي عمل جو مشاهدو ڪندو رهيس. پيپلزپارٽي جي اڪثريتي علائقن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪيمپس ۾ رش نظر آئي. پر هڪ ڳالهه سڀني علائقن ۾ ساڳي هئي، اها هي ته تحريڪ لبيڪ ۽ پي ٽي آءِ جي ڪيمپن ۾ عوام جي دلچسپي وڌيڪ هئي. مختلف ووٽرز سان ڳالهه ٻولهه دوران ان ڳالهه جو به اندازو ٿيو ته عوام جو وڏو انگ جماعت اسلامي يا حافظ  نعيم کي موقعو ڏيڻ جي حوالي سان نرمي رکي ٿو. سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت هئا. ووٽرز کي پولنگ اسٽيشنز ۾ موبائيل کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئي. هڪ پولنگ اسٽيشن ۾ هڪ ڇوڪرو پوليس جي پڪڙ ۾ نظر آيو جيڪو ووٽ ڏيڻ وقت پنهنجي وڊيو ٺاهي رهيو هو ته پوليس وارن پڪڙي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.