واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن چيو آهي ته پاڪستان جي استحڪام لاءِ صاف شفاف اليڪشن ضروري آهي، شيلا جيڪسن ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته چونڊون پاڪستان عوام لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهن، ان کانسواءِ ڊيموڪريٽڪ ڪانگريز مين بريڊ شرمن آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته اهو اهم ناهي ته ڪير اقتدار ۾ آهي، اهم اهو آهي ته اقتدار ۾ ڪيئن آيا، بريڊ شرمين چيوته آمريڪا سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ۾ صاف شفاف چونڊن جي حمايت ڪريون ٿا.
ڪراچي ۾ ڌانڌلي دوران 4 جعلي پرزائيڊنگ آفيسرسڳ سوڌو سوگها
ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ ڌانڌلي ڪرڻ دوران 4 جعلي پرزائيڊنگ آفيسرسڳ سوڌو پڪڙجي پيا، اين اي 244 ۽ پي ايس 116پولنگ اسٽيشن نمبر 35 تي ڌانڌلي جاري هئي، پ پ پاران قومي اسيمبليءَ لاءِ نامزد اميدوار عبدالبرڄاڻايل پولنگ اسيٽشن تي پهتو، پ پ اميدوار 4 پرائيويٽ پريزائيڊنگ آفيسرن کي سڳ سوڌو پڪڙي ورتو، ايس پي اوڀر انيل حيدر پولنگ اسٽيشن تي پهچي معاملي کي سنڀالي ورتو، ايس پي انيل حيدر چئني پرائيويٽ پريزائيڊنگ آفيسرن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب پرائيويٽ پريزائيڊنگ آفيسرن جو واسطو هڪ سياسي جماعت سان آهي.
ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشن تي هٿياربندن حملو ڪري بيلٽ باڪس ڀڃي ڇڏيا
ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 233 لانڍي نمبر 6 ۾ هٿياربندن پولنگ اسٽيشن تي حملو ڪري ڏنو، اين اي 233 لانڍي نمبر 6 جي پولنگ اسٽيشن 72 ۽ 78 ۾ هٿياربندن ڪاهه ڪئي، هنن پولنگ اسٽيشن ۾ گهڙي بيلٽ باڪس ڀڃي ڇڏيا، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان يا پوليس انتظاميا طرفان هٿياربندن بابت ڪجهه نه ٻڌايو ويو، ٻئي پاسي ملڪ ۾ عام چونڊن جو عمل مڪمل ٿي ويو ، مختلف تڪن ۾ جهيڙا ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.