نوابشاهه ( ن ع آ ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جو صدر آصف علي زرداري بالو جا قبا پهتو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي والد مرحوم حڪيم علي زرداري جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي. آصف زرداري پنهنجي امڙ جي قبر تي به حاضري ڀري. اڳوڻي صدر آصف زرداري مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. اڳوڻي صدر مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. صدر آصف علي زرداري سان گڏ حاجي علي حسن زرداري، ڊاڪٽر بهادر ڏاهري، زمان زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.