گڏيل قومن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ تشدد تي ڳڻتي

اسلام آباد (م ڊ) گڏيل قومن پاڪستان ۾ پارلياماني چونڊن کان پهريان سياسي جماعتن ۽ اميدوارن خلاف تشدد تي ڳڻتي جو اظهار  ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان گڏيل قومن جي ڳڻتي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان چيو آهي ته  چونڊ عمل ۾ شڪايت جي صورت ۾ داخلي قانوني حل موجود آهي، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چونڊن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر آفيس جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل ۾ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ داخلي قانون حل موجود آهي، هن چيو ته پاڪستان انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي تحفظ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ان جي ضمانت ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ ڏني وئي آهي، اسان جو عدالتي نظام ڪيسن جي منصفاڻي ورڇ ۽ مناسب عمل فراهم ڪري ٿو، ترجمان چيو ته اڄ ٿيندڙ چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي پلانز کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، پاڪستان جامع جمهوري عمل کي هٿ ڏيڻ ۽ قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.