نگران سرڪار سنڌ جو احتجاج رد ڪندي گريٽر ٿل ڪينال منظور ڪري ورتو

ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ). سنڌ جي پاڻي جي چوري جي ڪيسن ۽ سنڌي عوام جي احتجاج کي رد ڪندي ملڪ جي نگران حڪومت پنهنجي بلڪل آخري ڏينهن تي سنڌ جي نمائندي جي احتجاج کي رد ڪندي غير آئيني ۽ غير قانوني طور سنڌ جي پاڻي جي وڌيڪ چوري ڪرڻ لاءِ گريٽر ٿل  ڪئنال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙو فيصلو ايڪنڪ جي ٿيل اجلاس ۾ ميمبرن کي پڇاڙي ۾ صرف ٻڌايو ويو جڏهن ته ايڪنڪ جي 5 فيبروري تي اجلاس جي ڪوٺ ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جو مسئلو اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل نه هو. ۽ نه ئي سنڌ جي نگران حڪومت کي ان بابت پنهنجو موقف پيش ڪرڻ سمري موڪلي وئي هئي. ايجنڊا ۾ شامل هن وڏي اختلافي مسئلي کي زبردستي سان منظور ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائڻ تي سنڌ جي نگران حڪومت جي وزير يونس ڍاڳا پنهنجو احتجاج ڪري اجلاس مان ٻاهر نڪري ويو. اسلام آباد ۾ ٿيل ڪالهه اربع واري اجلاس ۾ وفاقي وزير شمشاد اختر جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿي گذريو، جنهن جي هڪ ئي ايجنڊا “ صحت سهولت پروگرام ”  هئي .. اجلاس جي آخر ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ زراعت جي ترقي  تي هڪ بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جو ذڪر شامل نه هو، نگران وفاقي وزير شمشاد اختر بريفنگ جي پڇاڙي ۾ اوچتو اجلاس ۾ چيو ته ته هي اجلاس گريٽر ٿل ڪئنال ٺاهڻ جي به منظوري به ڏئي رهيو آهي، ذريعن موجب جنهن تي سنڌ جي روينيو جي نگران وزير يونس ڌاڳا احتجاج ڪندي چيو ته هڪ ته گريٽر ٿل ڪئنال اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل نه هو ان لاءِ سنڌ حڪومت کي ان جي سمري  نه ڏني وئي هئي ، جيئن ان تي سنڌ حڪومت پنهنجي تياري ڪري اچي ها ۽ پنهنجو ڪيس پيش ڪري ها ٻيوته ايڏي اختلافي مسئلي تي نگران حڪومت کي ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جواختيار حاصل نه آهي. ان بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ چونڊيل حڪومت جو اختيار آهي. ۽ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ اهڙو وڏو  فيصلو ڪرڻ جو ڪوبه قانوني۽ اخلاقي جواز نه آهي. ۽ سنڌ جي نگران حڪومت ان فيصلي کي رد ڪري ٿي ۽ اسان ان تي احتجاج ڪيون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم کي به هڪ شڪايتي خط لکيو ويندو.هن چيو ته وفاقي وزير صاحبه سنڌ دشمني وارو عمل ڪري رهي آهي ، جنهن سان سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون سوڪهڙي جو شڪار ٿي وينديون ۽ اڳ ۾ ئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ملي ۽ گريٽر ٿل ڪئنال سان سنڌ جو وڌيڪ پاڻي چوري ٿي  ويندو. سنڌ جونگران وزير احتجاج ڪندي اجلاس مان ٻاهر نڪري ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.