اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اڄ قوم هن ملڪ جو مستقبل چونڊيندي، پاڪستان جا ساڍا 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا، تياريون مڪمل ٿي ويون،حساس پولنگ اسٽيشنن تي فوج مقرر ڪئي وئي،ملڪ جي 855 قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ ووٽر تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ 17 هزار 816 اميدوارن مان پنهنجا نمائندا چونڊيندا، 882 عورت اميدوار ميدان ۾ آهن، 4 خواجه سرا به جنرل سيٽن تي چونڊ وڙهي رهيا آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواستن جي وصولي لاءِ ڇنڇر 10 فيبروري ۽ آچر 11 فيبروري تي کليل رهندي، سمورن پريزائيڊنگ آفيسرن کي رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن مان پولنگ مٽيريل بيلٽ باڪسز، بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي سيڪيورٽي ۾ پولنگ اسٽيشنن تي موڪليو ويو، اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق مطابق سمورين پولنگ اسٽيشنن تي پريزائيڊنگ آفيسرن کي عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن،عام چونڊن کي پرامن بنائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ لکين سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي درخواست تي ڪوئيڪ رسپانس فورس جا 10.6.942 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 2.3.940 سيڪيورٽي اهلڪار مستقل طور تي چونڊن دوران ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جا گڏيل طور تي 1.30.882 اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا. سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي پوليس جا 4.65.736 اهلڪار مقرر ٿيندا. امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ آرمي، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس جا گڏيل طور تي 5.96.618 اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي ڏيندا. 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون ۽ 2 لک 66 هزار 398 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پولنگ لاءِ 14 لک 90 هزار چونڊ عملو ذميواريون انجام ڏيندو،سڄي ملڪ ۾ 16 هزر 766 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس ۽ 29 هزار 985 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، نتيجن لاءِ اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم(اي ايم ايس) استعمال ڪيو ويندو، اي ايم ايس ذريعي پريزائيڊنگ آفيسر فارم 45 جي تصوير موڪليندو،انٽرنيٽ جو نه هئڻ اي ايم ايس ۾ رڪاوٽ نه وجهندو، ووٽر لاءِ اصلي شناختي ڪارڊ آڻڻ لازم هوندو، قومي اسيمبلي لاءِ سائو ۽ صوبائي سيٽ لاءِ اڇو بيلٽ پيپر هوندو، پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي،پاڪستان جي ٻارهين چونڊ ۾ نواز ليگ، پ پ، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن ۾ وڏا مقابلا متوقع آهن
اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) چونڊ واري ڏينهن ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪوڪت چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بند نه ڪندي، اليڪشن واري ڏينهن واهپيدارن کي انٽرنيٽ جي مڪمل سهولت حاصل هوندي. پي ٽي آءِ موجب، حڪومت طرفان انٽرنيٽ جي بندش بابت ڪنهن به قسم جو هدايتون ناهن مليون. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي ڪيئي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ملڪ ۾ عام چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ سروس بند رهندي جنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ به حڪم جاري ڪيا هئا ۽ اليڪشن واري ڏينهن ملڪ ۾ بنا وقفي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جاري رکڻ جو منع نامو برقرار رکيو هو.
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جا سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا. رينجرز طرفان اهم هنڌن تي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، سڄي سنڌ ۾ رينجرز جا 10 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ 6 هزار اهلڪار فرض انجام ڏيندا. ڪراچي ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس جا 440 دستا به مقرر ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 392 دستا مقرر هوندا. چونڊن جي موقعي تي رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان مختلف هنڌن تي گشت به ڪندا، سنڌ ۾ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي جوانن جي مقرري ڪئي پئي وڃي.