ڪراچي: گلشن اقبال ۾ ڌماڪو، عورت ۽ ٻار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي ( رپورٽر ) عام چونڊن لاءِ ووٽنگ شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال حاجي ليمو ڳوٺ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب ڌماڪي ۾ عورت ۽ ٻار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، ڌماڪي جي نوعيت فوري طور معلوم نه ٿي سگهي آهي. اطلاع ملندي ئي  پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن پھچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ان حوالي سان ڊي آءِ جي ايسٽ جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب جوابدار گرنيڊ کڻي ٻاهر وڃي رهيو هو ته دستي بم سندس هٿ ۾ئي ڦاٽي پيو. جيڪو پاڻ به مري ويو. ايس ايس پي ايسٽ سيد عرفان بھادر موجب دھشتگرد ھٿ ۾ دستي بم کڻي وڃين رھيو ھو ته ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، دھشتگرد جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگهي، ايس ايس پي عرفان بھادر جو چوڻ آهي ته دھشتگرد جو ٽارگٽ ڇا ھو اھو چوڻ وقت کان اڳ ھوندو. آهي پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگرد جي عمر 28 کان 30 سال آهي، ڌماڪي ۾ مارجي ويل جوابدار جي منھن ۽ جسم تي ڌڪن جا نشان آهن ۽ مارجي ويل پيري پند گھمي رھيو ھو. پوليس واقعي واري جاءِ تان شاھديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي،  پوليس اختيارين موجب ڪراچي ۾ دستي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل شخص پوليس سب انسپيڪٽر رحمان ميراڻي جو پٽ هو. ان ڳالهه جي تصديق مبينا ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او به ڪئي آهي. ايس ايس پي عرفان بهادر جو چوڻ آهي ته اطلاع آهن ته ڌماڪي ۾ سب انسپيڪٽر جو پٽ مارجي ويو آهي، جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.عرفان بهادر جو چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ هڪ ٻارڙو به مارجي ويو جيڪو دڪان ۾ موجود هو. ٻئي پاسي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڌماڪي جي مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.