انٽرنيٽ هلي يا بند ٿي وڃي اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم هلندو رهندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ هلي يا بند ٿي وڃي پر اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم هلندو رهندو.
اليڪشن ڪميشن اختيارين بريفنگ ڏيندي چيو ته سيڪيورٽي ۽ ٻين سبب جي ڪري ڪجهه هنڌن تي نتيجن ۾ دير ٿي سگهي ٿي پر ڦيرڦار نه ٿي سگهندي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ آر او جي لائيو لوڪيشن جي مانيٽرنگ جاري آهي، پريزائيڊنگ آفيسر موبائيل فون تي اي ايم ايس استعمال ڪندا.
بريفنگ دوران اليڪشن ڪميشن اختيارين ٻڌايو ته پريزائيڊنگ آفيسر فارم 45 ٺهڻ کان پوءِ پولنگ اسٽيشن ٻاهران لڳائي ان جي تصوير ڪڍي آر او اوز ڏانهن اُماڻيندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اِها تصوير موبائيل اندر لاڪ ٿيندي جنهن تي ٽائيم ۽ لوڪيشن هوندي، انٽرنيٽ نه هجڻ جي صورت ۾ پريزائيڊنگ آفيسرن فارم 45 ذاتي حيثيت ۾ آر او آفيس جمع ڪرائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.