اليڪشن ڪمشنر کي سنڌ ۾ چونڊ نتيجا پڌرا ٿيڻ ۾ دير نه ٿيڻ جي اميد

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله چيو آهي ته 100 سيڪڙو يقين آهي ته نتيجن ۾ ڪا دير نه ٿيندي. اليڪشن ڪمشنر  سنڌ شريف الله ايڪسپو سينٽر ڊسپيچ سينٽر جو دورو ڪيو، جتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڪثر پولنگ سامان جي ورهاست ۾ ڪجهه دير ٿي ويندي آهي پر مٽيريل يا اسٽاف سبب ڪا دير نه پئي ٿئي، پولنگ سامان جي ورهاست ۾ ٽيڪنيڪل مٽيريل يا اسٽاف جو ڪو مسئلو ناهي. سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي ادارن کي سيڪيورٽي جي وڌيڪ خبر آهي، اهي پاڻ ۾ رابطي ۾ آهن.اليڪشن ڪمشنر سنڌ چيو 100 سيڪڙو يقين آهي ته نتيجن ۾ ڪا دير نه ٿيندي، جتي پهچ آهي، اتي صحيح وقت تي نتيجا ايندا، جڏهن ته پريزائيڊنگ آفيسر کي اچي مٽيريل ۽ فارم 45 ڏيڻو آهي. هن چيو ته ڪنهن به پولنگ اسٽيشن جو آر او تبديل ناهي ڪيو، تنهن ڪري ان حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.