بنگلاديش طرز تي نواز ليگ جي ايندڙ حڪومت

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)مستقبل ۾ ڇا ٿيندو، ان بابت ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ٻڌڻ ۾ اچي رھيو آھن، پر ملڪ جي ناليواري صحافي سھيل وڙائچ پنھنجي آرٽيڪل ۾  دعويٰ ڪئي آھي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان ۾ ايندڙ حڪومت بنگلاديش جي طرز تي قائم ڪئي ويندي، جيڪا مسلم ليگ نواز جي ھوندي، جنھن کي اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن جي مدد سان ڏھن سالن تائين ھلايو ويندو، سھيل وڙائچ پنھنجي مضمون ۾ وڌيڪ اھو به لکيو آھي ته پ پ وفاق ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا  ڪندي.

  • پي ٽي آءِ پاران چونڊن جي بائيڪاٽ جا چئوٻول، مبينه آڊيو ليڪ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز )ڇا پي ٽي آءِ اڄ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندي؟ سوشل ميڊيا تي ھڪ مبينه آڊيو ليڪ ٿي آھي، جنھن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، علي محمد ۽ ھڪ نامعلوم شخص پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا آھن، جنھن ۾ اھو سوال پڻ اٿاريو ويو آھي ته ڇا اسان کي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ گھرجي، ان سوال جي جواب ۾ ٻئي شخص چيو ته اسان کي چونڊن واري ڏينھن تي منجھند جو ٻئين، اڍائي وڳي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ گھرجي

  • پ پ سنڌ سان گڏ بلوچستان ۾ به حڪومت ٺاھيندي

لاهور(عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ سميت بلوچستان ۾ به حڪومت ٺاھيندي، مريم نواز پنجاب ۽ پرويز خٽڪ خيبرپختو خواه جو وڏو وزير بڻجندو.سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار امداد سومري پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي اڳڪٿي ڪئي آھي ته پ پ  آزاد اميدوارن، جي يو آءِ ۽ ٻين پارٽين جي حمايت حاصل ڪري بلوچستان ۾ حڪومت ٺاھيندي، ھن چيو ته بلوچستان جو ايندڙ وڏو وزير جيالو ھوندو، جڏھن ته مراد علي شاھه  ٽيون ڀيرو وڏو وزير بڻجندو.  امداد سومري وڌيڪ ڳالھائيندي چيو آھي ته رڳو سنڌ ئي گذريل دور ۾ ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل ۽ ڀڃ ڊاھه  سبب ڪنھن به سياسي عدم استحڪام جو شڪار نه ٿي ھئي، ڇا ڪاڻ ته اتي پ پ جي مضبوط حڪومت قائم ٿيل ھئي، جڏھن ته ان وقت جي وزيراعظم عمران خان سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش پڻ ڪئي ھئي، امداد سومري چيو ته سنڌ ئي اھو واحد صوبو آھي جتي چونڊن جا نتيجا چونڊ ٿيڻ کان پھريان ئي نظر اچڻ لڳا آھن،امداد سومري چيو ته جيتوڻيڪ خيبر پختو خواه جون حالتون خراب آھي ۽ اتي غير يقيني واري صورتحال آھي، پر خيبر پختو خواه پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا، ۽ وڏو وزير پرويز خٽڪ بڻجي سگھي ٿو، جڏھن ته ٻي پوزيشن جي يو آءِ جي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.