ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله چيو آهي ته 100 سيڪڙو يقين آهي ته نتيجن ۾ ڪا دير نه ٿيندي. اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله ايڪسپو سينٽر ڊسپيچ سينٽر جو دورو ڪيو، جتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڪثر پولنگ سامان جي ورهاست ۾ ڪجهه دير ٿي ويندي آهي پر مٽيريل يا اسٽاف سبب ڪا دير نه پئي ٿئي، پولنگ سامان جي ورهاست ۾ ٽيڪنيڪل مٽيريل يا اسٽاف جو ڪو مسئلو ناهي. سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي ادارن کي سيڪيورٽي جي وڌيڪ خبر آهي، اهي پاڻ ۾ رابطي ۾ آهن.اليڪشن ڪمشنر سنڌ چيو 100 سيڪڙو يقين آهي ته نتيجن ۾ ڪا دير نه ٿيندي، جتي پهچ آهي، اتي صحيح وقت تي نتيجا ايندا، جڏهن ته پريزائيڊنگ آفيسر کي اچي مٽيريل ۽ فارم 45 ڏيڻو آهي. هن چيو ته ڪنهن به پولنگ اسٽيشن جو آر او تبديل ناهي ڪيو، تنهن ڪري ان حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد آهن.