نواز ليگ کي سئو کان وڌيڪ سيٽن جو امڪان، پ پ سنڌ تائين محدود

اسلام آباد(م ڊ) تجزئي نگار اسد طور  پنھنجي ٽي وي چئينل ”اسد طور ان سنسرڊ“ ۾ انڪشاف ڪيو آھي ته  طاقتور حلقن جي ڪيل بندوبست ۽ تفصيلي سروي ۾ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن پاران قومي اسمبلي جون 120 کن سيٽن کڻڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي.پاڪستان پيپلزپارٽي کي سنڌ تائين محدود ڪري قومي اسيمبلي جي ڪل 50 سيٽن ملڻ جو اندازو لڳايو ويو آھي.وزيراعظم نواز شريف کي بڻايو ويندو.پ پ وفاق ۾ اپوزيشن ۾ ويھندي.اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي کي حڪومت ۾ شامل ڪيو پئي ويو پر بعد ۾ اھو فيصلو تبديل ڪيو ويو. اسدطور موجب پنجاب صوبائي اسمبلي ۾ ن ليگ جي لاءِ ،ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جو اندازو لڳايو ويو آھي.وزارت اعظميٰ نوازشريف ۽ پنجاب جي  وڏ وزارت مريم نواز کي ڏني ويندي.سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ھوندي، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ن ليگ حڪومت جوڙيندي.جڏھن ته خيبرپختونخواھ ۾ڪوششن باوجود پي ٽي آءِ 40 سيٽن حاصل ڪري سگھڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي. جتي پھرين پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت جوڙڻ جو موقعو ڏنو ويندو. اسد طور جو چوڻ ھو تھ ن ليگ جو اثر پنجاب، اسلام آباد ۽ ھزارا ڊويزن ۾ آھي. جنھن جون قومي اسيمبلي جو ڪل سيٽون 149 ٿين ٿيون،جن مان ن ليگ جي گھٽ وڌ 100 سيٽن کڻڻ جو  ڪاٿو لڳايو ويو آھي.قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي ڪل سيٽن جو اندازو 50 لڳايو ويو آھي.پي ٽي آءِ، 30 کان 35 سيٽن تي،ايم ڪيو ايم8 کان 10 ۽ جي يو آءِ 15 کان 16، استحڪام پارٽي جي 2 کان 3 ۽ مسلم ليگ ق جي ھڪ کان 2 سيٽن تي ڪاميابي جو اندازو لڳايو ويو آھي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي تي وڌيڪ فوڪس ڪيو ويو ھو، جنھن موجب خيبرپختونخواه  اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ، 35 کان 40 سيٽن، جي يو آءِ 20،اي اين پي 10 کان 12.پ پ پ 4 کان 6 سيٽن ۽ ن ليگ جي 4 کن سيٽن تي ڪاميابي جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي.

  • لاهور جي ٽن تڪن تي نواز ليگ ڪمزور، جنرل فيض حميد سرگرم

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) لاهور جي ٽن تڪن تي سخت دنگل جا امڪان،سينئر صحافي فخر دراني عمر چيما جي  ٽاڪ شاڪ وي لاگ ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته اين اي 127 تي نواز ليگ جي عطا تارڙ جي مقابلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جو حمايت يافته ظهير عباس کوکر به اتان چونڊ وڙهي رهيو آهي، ن ليگ جي سروي ۾ بلاول ٽئين نمبر تي آهي، ان تڪ تي عطا تارڙ ۽ ظهير عباس کوکر جا سخت مقابلي جا امڪان آهن، ٻئي تڪ تي پي ٽي آءِ حامي سلمان اڪرم راجا جي مقابلي ۾ نواز ليگ جو عون چوڌري آهي،عون چوڌري جي پوزيشن به ڪمزور لڳي پئي، اتي ٽيون تڪ اياز صادق جو آهي جتي ن ليگ هارائي سگهي ٿي،هن چيو ته  پ پ جو پنجاب ۾ گراس روٽ ناهي، بلاول لاهور مان علامتي طور وڙهي رهيو آهي،پوٺوهار ريجن ۾ ن ليگ جي دعويٰ آهي ته اها اتان سيٽون کڻي سگهي ٿي، اتي آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه جنرل فيض حميد وڏو سرگرم ٿي ويو آهي، هن جا ڪجهه ساٿي جنرل به ن ليگ خلاف  مهم هلائي رهيا آهن، جڏهن ته جنرل(ر)عبدالقيوم به اڄڪلهه نواز ليگ کان ڪاوڙيل آهي، پي ٽي آءِ حامي اياز امير کي به جنرل (ر)فيض حميد ٽڪيٽ ڏياري،پ پ کي ڏکڻ پنجاب ۾ 13 سيڪڙو سيٽون ملي رهيون آهن،نواز ليگ کي 60 سيڪڙو، 8 کان 10 سيڪڙو پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن کي سيٽون ملي رهيون آهن،

  • چونڊن ۾ نواز ليگ وڏي پارٽي طور سامهون ايندي: سرڪاري سروي

اسلام آباد(م ڊ) هڪ سرڪاري اداري جي جائزي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون ايندي، ان کانپوءِ پيپلز پارٽي جو ٻيون نمبر ۽  تحريڪ انصاف ۽  ٻيون بعد ۾ اينديون.  سرڪاري اداري پوليس ذريعن، روينيو ڊپارٽمينٽ، مزدور يونين ۽ مختلف شعبن ۾ پيشه ور ماڻهن سان انٽرويوز ذريعي گڏ ڪيل معلومات جي بنياد تي تجزيو پيش ڪيو آهي. هن واضح ڪيو ته اهو جائزو پوليس اسٽيشنن ۽ يونين ڪائونسلن جي سطح تي ڪيو ويو آهي، هي سروي سائنسي انداز ۾ ڪيو ويو آهي ته جيئن غلط اندازن جي امڪان کي ختم ڪري سگهجي، جڏهن ته ڪيل سروي ۾ مسلم ليگ ن جي مقبوليت جي شرح گهٽ رهي آهي. ان حوالي سان هڪ پراميد اندازو لڳايو ويو آهي ته نواز شريف جي واپسي کانپوءِ پارٽي جي مقبوليت ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.