اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن کان ٻه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊن ۾ اهليت کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. شاهه محمد زمان نالي هڪ شهري بلاول ڀٽو خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين آهي جنهن جو چونڊ نشان تلوار آهي. درخواست جي متن موجب بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي ٽڪيٽ ۽ تير جي نشان تي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ تحت هڪ شخص ٻن پارٽين جو هڪ ئي وقت ميمبر نٿو ٿي سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ان قانون جو صحيح جائزو ناهي ورتو. اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ بلاول ڀٽو کي تير جي نشان تي اليڪشن وڙهڻ کان روڪيو وڃي. واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.