نيب نوٽيس: سنڌ ۾ پ پ کي تنگ ڪيو پيو وڃي؟

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ پ پ اڳواڻن کي نيب جا نوٽيس،پ پ جو گهيرو تنگ، ميرپورخاص ۾ پ پ اميدوار تي حملو حقيقت يا ڊرامو،نوجوان صحافي عطاءُ الله ميمڻ  پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته نيب پ پ جي 20 اڳواڻن کي ڪرپشن الزام نوٽيس جاري طلب ڪيو آهي، دلچسپ ڳالهه آهي ته توهان تي فلاڻو الزام هنيو ويو آهي، هن نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان ڪرپشن ۾ ملوث آهيو،پيش ٿيو، انهن اڳواڻن ۾ شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، شير محمد مغيري، ضياءُ الحسن لنجار، پير فضل شاهه جيلاني، ساجد علي ٻانڀڻ، نعيم کرل، عارف خان مهر، امتياز شيخ،فرخ شاهه،اويس قادر شاهه،اڪرام الله ڌاريجو، نويد ڏيرو،عبدالباري پتافي، خالد لنڊ، هري رام ڪشوري، محمود عالم،ساجد جوکيو، علي حسن زرداري شامل آهن،اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ نوٽيس جاري ٿيڻ وڏو سواليه نشان آهي؟ ڇا اها ڪارروائي پ پ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي؟هن چيو ته ميرپورخاص ۾ پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه تي فائرنگ ٿي جنهن ۾ کيس گولي نه گاڏي جا شيشا لڳا،سوال اهو آهي ته ذوالفقار علي شاهه اڪيلو گاڏي ۾ ڇو نڪتو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻن گاڏين ۾ سوار گارڊ ڇو واپس موڪليا ويا، هو عمر ٻگهيو جي رهائش گاهه تي ساڻس ملاقات ڪرڻ ويو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.