ايم ڪيو ايم لنڊن وارا به حڪومت ۽ رياست جي نظرن ۾ آهن: احمد شاهه

ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد احمد شاهه چيو آهي ته وڏي وزير ڪليئر هدايتون ڏنيون ته شفاف چونڊون  ڪرايون وڃن، هٿيار کڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ايم ڪيو ايم لنڊن وارا به حڪومت ۽ رياست جي نظرن ۾ آهن، پهريان پوليس بي نمبر تي رينجرز ۽ پوءِ فوج موجود  هوندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، صوبائي وزير سيد احمد شاهه وڌيڪ چيو ته  وڏي وزير  لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد ڊويزن ۾ الڳ الڳ  اهم اجلاس ڪيا،  نگران وڏي وزير هرهڪ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عام چونڊن بابت توهان جي مٿان ڪو ڌٻا ته ناهي، هن چيو ته ڪچي ۾ عارضي پولنگن تي سيڪيورٽي بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويو، هٿيار کڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سڀاڻي صبح جو ڊي آر اوز کي بيليت باڪس ڏنا ويندا، هن چيو ته اپيڪس ڪميٽي ۾ سمورا آفيسر موجود هيا جنهن ۾ وڏي وزير سيڪيورٽي انتظام بهتر ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون، سنڌ حڪومت جو سينٽرل انفارميشن سينيٽر قائم ڪندي ۽ اتان کان سموريون تصديق ٿيل خبرون ڏنيون وينديون، ڪور ڪمانڊر ٻڌايو ته گذريل ڏينهن آرمي جي ڊپلائيمنت ٿي چڪي آهي، پهريان پوليس بي نمبر تي رينجرز ۽ پوءِ فوج موجود  هوندي. هن چيو ته پولنگ عملي جي واپسي کي پڻ سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، عملي کي گاڏيون به سٺيون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته خيرپور، سانگهڙ مٽياري ڪراچي جا ڪجهه ضلعا انتهائي حساس آهن، اتي سيڪيورٽي جا وڌيڪ انتظام ڪيا ويا آهن،  اپيڪس ڪميٽي ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته چونڊن ۾ ڪجهه قوتون دهشتگردي ڪرائي سگهن ٿيون، ڪچي جو انٽيليجنس آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي، جيئن چونڊون گذرنديون ته ڏوهارين خلاف اثرائتيون ڪارروايون ڪيون وينديون. صوبائي وزير چيو ته  ايران سميت مختلف سرحدن مان دهشتگرد اچي سگهن ٿا، ان بابت ڪيترائي اطلاع آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه تي حملي جي جيئن اطلاع مليو ته مان سڀني سان رابطي ۾ اچي ويس، رات دير سان خبر پئي ته هو هاڻي خطري کان ٻاهر هو، هو ڳوٺ مان نڪري شهر وڃي رهيو هو ته باءِ پاس وٽ ان تي فائرنگ ڪئي وئي، ذوالفقار شاهه کي ڪا به گولي ناهي لڳي ان کي شيشي جا ٽڪرا لڳا آهن. هن چيو ته جيسيتائين واقعي بابت شاهديون نه ٿيون ملن تيستائين ڪجهه نه چوڻ غلط آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪور ڪندڙ جنهن به صحافي وٽ پاس هوندي اهو پولنگ اسٽيشن جي اندر گهڻو وقت نه رهي،  جنهن صحافي وٽ پاس موجود هوندي ۽ جنهن عمل جا فوٽيج ٺاهڻ جي منع هوندي ان کان سواءِ فوٽيج ٺاهي سگهي ٿو. هن چيو ته چونڊن دوران موبائل فون بند رکڻ جو اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه ٿيو آهي، ايم ڪيو ايم لنڊن وارا به حڪومت ۽ رياست جي نظرن ۾ آهن، ان معاملي تي اڄ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو پر ان بابت فلحال ٻڌائڻ مناسب ناهي، اليڪشن کان پوءِ جان مهر جي قاتلن کي پڪڙڻ سميت اهم سٺيون خبرون ڏينداسين.هن چيو ته اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي معاملي تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، افغانين جي واپس وڃڻ سان قتل جهڙن اهم ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، بلاڪ ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، نادرا سنڌ حڪومت سان تفصيل ٻڌائڻ کان لنوائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.