اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊن جي ڏينهن جي حوالي سان ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پولنگ اسٽيشن جي 400 ميٽر جي اندر ڪنهن به قسم جي ڪيمپ لڳائڻ تي پابندي هوندي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته پولنگ واري ڏينهن ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي درخواست تي پابندي هوندي، جڏهن ته پولنگ اسٽيشن جي حدن جي 100 ميٽرن اندر نوٽيس، نشان، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي پابندي هوندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوار ڳوٺاڻن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشن جي 400 ميٽر جي اندر ڪئمپ لڳائي سگهندا، جڏهن ته گنجان آبادي واري شهري علائقن ۾ اميدوار 100 ميٽر جي اندر ڪئمپ لڳائي سگهندا. هن چيو ته ڊي آر او، آر او ۽ انتظاميه ضابطه اخلاق تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ذميوار هوندي.