گھوٽڪي/ميرپورماٿيلو (رپورٽ: آزاد مھر/نصرالله گڏاڻي ) گھوٽڪي ۾ نيشنل ھاءِ وي تي ڌاڙيلن پاران گاڏين مٿان فائرنگ، ٻھ گاڏيون تباھ، ميرپورماٿيلي واسي 3 ڄڻا اغوا، هڪ زخمي، ماٿيلو ۾ هڙتال، ريلي، ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان پنج ڪلاڪ ڌرڻو، بي سيڪشن ٿاڻي جي ڀرسان رات جو دير سان ڌاڙيلن جي ٽولي نيشنل ھاءِ وي تي بيھي روڊ بلاڪ ڪري ھٿيارن جا منھن کولي مسافر گاڏين مٿان فائرنگ ڪري ڏني، ڌاڙيل ميرپور ماٿيلي واسي 22 ورھين جي نوجوان ريتڪ ڪمار پٽ جئي رام، رٽائر استاد مير احمد جلباڻي ۽ داد لغاري جي رھواسي آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او اختر علي لغاري کي اغوا ڪري ويا، فائرنگ ۾ اختر لغاري جو ڊرائيور محمد آصف آرائين پڻ سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد ھندو پنچائت ميرپورماٿيلي جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، ھندو برادري پاران پنھنجو ڪاروبار بند رکيو ويو، سوين ماڻھن پنچائتي هال شڌاڻي ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي مکي نند لال اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لال وڪيل يارمحمد جلباڻي ڪامريڊ ڪڪو رام استاد اسلم لغاري، ڪپيل ديو ڪنگراني راجيش ڪمار ميان محمد اسلم غلام نبي پتافي جي يو آءِ ضلعي امير مولانا محمد اسحاق لغاري، استاد عاجز گبول زاھد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس جي مک گيٽ تي پنج ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو، ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران ۽ ڊي سي گھوٽڪي شير زمان مظاھرين سان ڳالھيون ڪري مغوين جي آزادي جي خاطري ڪرائي ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ پوليس جي نااھلي سبب گھوٽڪي ضلعي ۾ انتھا جي بدامني آھي ماڻھو گھرن ۾ غيرمحفوظ آھن، اغوا، ڦرون ڌاڙا ۽ قبائلي تڪرار عروج تي آھن، ڄاڻايل ٽن مغوين ۽ عبدالله ماڇي سميت ٻن ھفتن ۾ 17 کان وڌيڪ ماڻھو ضلعي مان اغوا ٿي ويا آھن، گھوٽڪي پوليس امن امان قائم ڪرائڻ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي، ھي قھري ڏوھي وارداتون وقت جي حڪمرانن جي سوچي سمجھي سازش تحت ٿي رھيون آھن، ايس ايس پي گھوٽڪي پاران مظاھرين کي پنھنجي آفيس گھرائي ٻارنھن ڪلاڪن اندر مغوين کي آزاد ڪرائڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪرايو.
ماٿيلو: واقعي بعد پ پ اميدوار عبدالباري مغوين جي گهر پهتو، مدد جي خاطري
ميرپورماٿيلو: اڳوڻو صوبائي وزير موجودا پي ايس 19 جو پ پ پ اميدوار عبدالباري رات ئي رات مغوي ريتڪ ڪمار ۽ مغوي ميراحمد جلباڻي جي گھرن ۾ پھتو ۽ ھر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي، ان کانسواءِ اين اي 198 جي آزاد اميدوار ميان عبدالحق عرف ميان مٺو جا پٽ ميان رفيق احمد ۽ ميان محمد اسلم جي يو آءِ جي پي ايس 20 جو اميدوار محمد اسحاق لغاري ايس ٽي پي جا اڳواڻ عاجز گبول زاھد ميراڻي ۽ نواز جلباڻي سڄو ڏينھن مغوين جي وارثن سان گڏ ھئا جيڪي احتجاج جي ختم ٿيڻ تائين ڌرڻي ۾ شريڪ ھئا، ميان رفيق احمد ذاتي سورسز استعمال ڪري مغوين جي جلد بازيابي جي وارثن کي خاطري پڻ ڪرائي.
ٽنهي مغوين کي جاگيراڻي گينگ اغوا ڪيو آهي: ايس ايس پي گهوٽڪي
ميرپورماٿيلو:ڀٽائي چوڪ ميرپورماٿيلو تي روزاني عوامي آواز سان خصوصي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ايس ايس پي گھوٽڪي انور کھيتران چيو تھ ڄاڻايل ٽن مغوين کي جاگيراڻي گينگ اغوا ڪيو آھي، ڌاڙيلن جو سٺو علاج ڪيو ويندو ۽ مغوين کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو ويندو ۽ مغوين سان گڏ عوامي آواز کي ھن ساڳي ھنڌ ڀٽائي چوڪ تي ھو وري انٽرويو ڏيندو، ڌاڙيلن جون اھڙيون حرڪتون برداشت کان ٻاھر آھن کين سبق سيکاريو ويندو، ان موقعي تي ڊي سي گھوٽڪي شير زمان پٺاڻ پڻ روزاني عوامي آواز سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو تھ کيس يقين آھي تھ ايس ايس پي گھوٽڪي جلد مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.